راڻي جي سنڌي معنيٰ
مومل راڻي جي مشھور عشقيه قصي جو هيرو. ننڍو راجا. ننڍڙي علائقي جو والي. جاگيردار. سومرا گهراڻي جي پوئين حاڪم همير سومري جي وزير جو نالو ”سوڍو“، ٺڪر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hero of Moomal Rano folk tale. Landlord, Name of a miniter of Hameer Soomro king.
راڻي جا بيتن ۾ حوالا
وَٽِ سورِيندي وَلَها، وِئَڙو تيلُ ٻَرِي،
موٽُ مُسافِرَ سُپِرِين، چانگي تي چَڙِھي،
راڻي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 5 ]
موٽُ مُسافِرَ سُپِرِين، چانگي تي چَڙِھي،
راڻي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 5 ]
سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون، اوٺِي نَہ آيو،
راڻي رَنجائو، ڏِنو مُنھِنجي ڏِيلَ کي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 10 ]
راڻي رَنجائو، ڏِنو مُنھِنجي ڏِيلَ کي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 10 ]
راڻي سين رِھاڻِ، ڪَندِي ھُيَسِ ڪاڪِ ۾،
موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ،
سي ھَنڌَ پَسِئو ھاڻِ، وَڃي ھِنيُون وِرڄِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 17 ]
موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ،
سي ھَنڌَ پَسِئو ھاڻِ، وَڃي ھِنيُون وِرڄِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 17 ]
ڪَندِي ھُيَسِ ڪاڪِ ۾، ھَي راڻي سين رِھاڻِ،
اَچِي پَسو جيڏِيُون، پِرِين وِڏوڻُو پاڻَ،
سي ھَنڌَ پَسِي ھاڻِ، وارِيءَ جِيئَن وِرڄي ھِينُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 18 ]
اَچِي پَسو جيڏِيُون، پِرِين وِڏوڻُو پاڻَ،
سي ھَنڌَ پَسِي ھاڻِ، وارِيءَ جِيئَن وِرڄي ھِينُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 18 ]
ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چوڏِسِ چِٽاڻو،
مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين لُڊاڻو،
راڻو ئِي راڻو، ناھِ راڻي ريءَ ڪِي ٻِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 26 ]
مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين لُڊاڻو،
راڻو ئِي راڻو، ناھِ راڻي ريءَ ڪِي ٻِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 26 ]
لُوٺِيَسِ لُڊاڻي، پَسان جو پِرِيَنِ ري،
جيڏِيُون جيھائِي ڪِي، سيڄَ سُڃِي راڻي،
ھَلِبو ھاڻي، ويرا ڪاڪِ وِھُ ٿِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 30 ]
جيڏِيُون جيھائِي ڪِي، سيڄَ سُڃِي راڻي،
ھَلِبو ھاڻي، ويرا ڪاڪِ وِھُ ٿِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 30 ]
چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، جِتِ رَنيائِين راڻي کي،
ھاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرِھَ وَراڪا ڏي،
سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماڻي ھَلِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 8 ]
ھاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرِھَ وَراڪا ڏي،
سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماڻي ھَلِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 8 ]
لوڊِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي جي ناھِ ڪو،
ھِڪُ اَکِيُون ٻِئا اَڱڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ،
سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جي تو سوڍا سُورِيءَ چاڙھِيُون.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 10 ]
ھِڪُ اَکِيُون ٻِئا اَڱڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ،
سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جي تو سوڍا سُورِيءَ چاڙھِيُون.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 10 ]
رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، سوڍو سَوائِي،
لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، لالِي تَنھِن لائِي،
ڪانِهي ٻِي وائِي، ٿِئو مِڙوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 11 ]
لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، لالِي تَنھِن لائِي،
ڪانِهي ٻِي وائِي، ٿِئو مِڙوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 11 ]
رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، سوڍو سَڀَنِي سُونھَن،
لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان، دِلِيَن دُونھَن،
ڪانِهي ٻِي وِرُونھَن، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 12 ]