راڻِيُون جي سنڌي معنيٰ
ملڪائُون، راڻيءَ جو جمع، بادشاھزاديون
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Queens
راڻِيُون جا بيتن ۾ حوالا
جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ پاٺُ آيو پاڻُ،
ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو وَڏاڻُ،
راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ چوري سازُ سُڄاڻُ،
ڪِھَڙو پَھُ پَرياڻُ، ڪَندو جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 10 ]
ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو وَڏاڻُ،
راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ چوري سازُ سُڄاڻُ،
ڪِھَڙو پَھُ پَرياڻُ، ڪَندو جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 10 ]
جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ پاٺُ آيو پيھِي،
ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو ويھِي،
راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ تَندُ ھَڻِي تيهِي،
نَہ ڄاڻان ڪيھِي، ڪندو جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 11 ]
ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو ويھِي،
راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ تَندُ ھَڻِي تيهِي،
نَہ ڄاڻان ڪيھِي، ڪندو جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 11 ]
رَتُ سِرڪِي نِڱِئو،ڏيئِي سورَٺِ مَهِندان سَٽَ،
ڌَڙُ ڌُٻِي پِئو پَٽ تي، مَٿو مَٿان کَٽَ،
آيو سو اُلَٽَ، راڻِيُون جَنھِن رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 15 ]
ڌَڙُ ڌُٻِي پِئو پَٽ تي، مَٿو مَٿان کَٽَ،
آيو سو اُلَٽَ، راڻِيُون جَنھِن رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 15 ]
ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائين ۾ ٺارَ،
سورٺِ چَئي سَرَتِيين، مُٺِيَسِ مَڱڻَھارَ،
ڪِئو قَھَرُ قَھارَ، جَنھِن راڻِيُون سَڀَ رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 16 ]
سورٺِ چَئي سَرَتِيين، مُٺِيَسِ مَڱڻَھارَ،
ڪِئو قَھَرُ قَھارَ، جَنھِن راڻِيُون سَڀَ رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 16 ]
نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻي، نَہ کِکِيءَ لائي ھَٿَ،
ڪُرَنائِيو ڪيتِرِيُون، مِڙِئو ڪَنِ مِنَٿَ،
جا سَمي وِھارِي سَٿَ، تَنھِن سين رِيسَ نَہ ڪَندِيُون راڻِيُون.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 4 ]
ڪُرَنائِيو ڪيتِرِيُون، مِڙِئو ڪَنِ مِنَٿَ،
جا سَمي وِھارِي سَٿَ، تَنھِن سين رِيسَ نَہ ڪَندِيُون راڻِيُون.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 4 ]
تَختُ بَختُ تَماچِي، سَڀَ نُورِيءَ کي نَمَنِ،
لِڪِئو لِياڪا پايا، سارِي راتِ سَمِيُنِ،
ٻايُون راڻِيُون دايُون، تَنھِن جا پيرَ چُمَنِ،
مَڃَرُ مَلاحَنِ، مِڙيوئِي مَعافُ ٿِئو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 20 ]
لِڪِئو لِياڪا پايا، سارِي راتِ سَمِيُنِ،
ٻايُون راڻِيُون دايُون، تَنھِن جا پيرَ چُمَنِ،
مَڃَرُ مَلاحَنِ، مِڙيوئِي مَعافُ ٿِئو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 20 ]
ڪاھِ مَيا ڪَرَھَلَ، ريلِ تَہ پَسُون راڻِيُون،
تاڻي وَڃِجِ تِتَھِينِ، جِتِ طَرَحَ موچارا تَرھَلَ،
اَسِين ماڻِيُون مُومَلَ، تُون نايو ناگِيلا چَرِين.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 2 ]
تاڻي وَڃِجِ تِتَھِينِ، جِتِ طَرَحَ موچارا تَرھَلَ،
اَسِين ماڻِيُون مُومَلَ، تُون نايو ناگِيلا چَرِين.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 2 ]
اوڏِڻِ اوڏِي آءُ، توکي لاکي ڪوٺِئو،
سَندو مِٽِيءَ مامِرو، لَٿو تو مَٿان،
توتي ريڌو راءُ، نَہ تَہ راڻِيُون گهَڻِيُون راڄَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 33 ]
سَندو مِٽِيءَ مامِرو، لَٿو تو مَٿان،
توتي ريڌو راءُ، نَہ تَہ راڻِيُون گهَڻِيُون راڄَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 33 ]
English Meaning
Queens
راڻِيُون ٻول جا زمرا