دِلو جي سنڌي معنيٰ
پاڻي رکڻ لاءِ مٽي جو ھڪ ٿانءُ، گهَڙو، ننڍو مٽ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A kind of earthen pot or vessel.
دِلو جا بيتن ۾ حوالا
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن اَمُرُ ڪِئو اَحَدَ،
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي اَڌَ،
جيڪِي آيسِ ڏُونھِن عَدَدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 7 ]
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي اَڌَ،
جيڪِي آيسِ ڏُونھِن عَدَدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 7 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فَرِمايو فَتاحَ،
ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ ساھَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو اِرادي اَڌاءَ،
جيڪِي آيُسِ ڏُونھِن اللهَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 8 ]
ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ ساھَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو اِرادي اَڌاءَ،
جيڪِي آيُسِ ڏُونھِن اللهَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 8 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فائِقَ فَرِمايو،
ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُھِڻِيءَ کي سَعيو،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، اوڏاھِين آيو،
جيڪي ھادِيءَ ھَلايو، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 9 ]
ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُھِڻِيءَ کي سَعيو،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، اوڏاھِين آيو،
جيڪي ھادِيءَ ھَلايو، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 9 ]
English Meaning
A kind of earthen pot or vessel.
دِلو ٻول جا زمرا