خِيالَ جي سنڌي معنيٰ
تصور، ويچار، پُور، سوچ، غور، سمجهہ، سُوجهہ، رايا، ڳڻت، اٺسٺا، هَم تَم، ڪَٿَ، ڳڻتيون، پچارون. صلاحون، ارادا، مرضيون، مَنشائون، ڌيان، چِت، جاچ، سنڀال. موج، آرا، لَھرا، رِيچَڪ، جُجڪيون، وهم. جا ڳالهہ ماڻهوءَ جي دماغ ۾ اچي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ideas, thoughts, imaginations, intentions, objects, fancies, notions, illusions, delusions, visions.
خِيالَ جا بيتن ۾ حوالا
ھارِيۡ حَقُ رَکيجِ، سانڀارا ساھَڙَ جو،
وَھمَ جي وُجُودَ جا، وِچان سَڀَ وَڍيجِ،
خُوابَ خِيالَ خَطِرا، تَنِ جي تَرَڪُ ڏيجِ،
اَندَرِ آئينو ڪَري، پِرِين سو پَسيجِ،
اِنَهِيءَ راھَ رَميجِ، تَہ مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 13 ]

ھارِيۡ رَکِجِ حَقُ، سانڀارا ساھَڙَ جو،
خُوابَ، خِيالَ، خَطِرا، ٽِنِهي ڏيجِ تَرَڪُ،
ڪَري غَيرُ غَرَقُ، ويجهو ٿِيءُ وِصالَ کي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 14 ]
خُوابَ، خِيالَ، خَطِرا، ٽِنِهي ڏيجِ تَرَڪُ،
ڪَري غَيرُ غَرَقُ، ويجهو ٿِيءُ وِصالَ کي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 14 ]
اِيئين رَھِيَسِ راھَ ۾، ھُونھين ھَٿَ ھَڻِي،
وِئا خِيالَ کَڻِي، ماءُ مُنھِنجو جِندَڙو.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 10 ]
وِئا خِيالَ کَڻِي، ماءُ مُنھِنجو جِندَڙو.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 10 ]
صُورَتَ سَندِيَنِ سالَ، پاڻَ مُصاحِبَ سُپِرِين،
مَولا ڏِنَنِ مُنھَن ۾، نُورِي نيڻَ نِھالَ،
سَندي خُوابَ خِيالَ، مُون مَنُ مَتِوالو ڪِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 10 ]