خَيالُ جي سنڌي معنيٰ
جا ڳالهہ ماڻهوءَ جي دماغ ۾ اچي، تصور، ويچار، پُورُ، سوچ، غور، سمجهہ، سُوجهہ، راءِ، ڳڻت، اٺسٺو، هَم تَم، ڪَٿَ، ڳڻتي، پچار. صلاح، ارادو، مرضي، مَنشا، ڌيان، چِت، توجھ، جاچ، سنڀال. موج، آرو، لَھر، رِيچَڪُ، جُجڪي، وھم ،
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Idea, thought, imagination, intention, object, fancy, notion, illusion, delusion, a vision. A kind of singing or song.
خَيالُ جا بيتن ۾ حوالا
پاڻِهين جَلَّ جَلالُهُ ، پاڻِهين جانِ جَمالُ،
پاڻِهين صُورَتَ پِرِينءَ جِي، پاڻِهين حُسُنُ ڪَمالُ،
پاڻِهين پِيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻِهين پاڻَ خَيالُ،
سَڀَ سَڀوئِي حالُ، مَنجهان ئِي مَعلُومُ ٿِئو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 18 ]
پاڻِهين صُورَتَ پِرِينءَ جِي، پاڻِهين حُسُنُ ڪَمالُ،
پاڻِهين پِيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻِهين پاڻَ خَيالُ،
سَڀَ سَڀوئِي حالُ، مَنجهان ئِي مَعلُومُ ٿِئو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 18 ]
”تو“ کي رَسي ”تُون“ ڌَڻِي، سَڀوئِي جَمالُ،
ڪونِهي ٻِئو خَيالُ، جَي شارِڪَ شَڪُ وِڃائِيين.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 8 ]
ڪونِهي ٻِئو خَيالُ، جَي شارِڪَ شَڪُ وِڃائِيين.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 8 ]
جِتِ آھِ نَہ ناھِ ڪا، اِيءُ خاڪِيءَ جو خَيالُ،
جانِبَ جو جَمالُ، پَسَڻان ئِي پَري ٿِئو.
[ سُر آسا، مجازي مام، 12 ]
جانِبَ جو جَمالُ، پَسَڻان ئِي پَري ٿِئو.
[ سُر آسا، مجازي مام، 12 ]
جِتي آھِ نَہ ناھِ ڪا، اِيءُ خَيالُ خاڪِي،
پِرِيَنِ جِي پاڪِي، پَسَڻان پَري ٿِي.
[ سُر آسا، مجازي مام، 13 ]
پِرِيَنِ جِي پاڪِي، پَسَڻان پَري ٿِي.
[ سُر آسا، مجازي مام، 13 ]
English Meaning
Idea, thought, imagination, intention, object, fancy, notion, illusion, delusion, a vision. A kind of singing or song.