حَدَ جي سنڌي معنيٰ
ڪنارو، ڇيڙو، سِيما، دنگ، پڄاڻي، پڇاڙي، آخري جاءِ، پُڇڙي، سَرحَد، پوڇڙُ، پوڇڙِي، وِيرِي، ڇيھُ، اَنتُ، نشانُ، سَنڌو، سيڙهو، حاطو. ٻيلو، جهنگ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Boundary, limit, termination.
حَدَ جا بيتن ۾ حوالا
آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون،
جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا،
ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُرُ جَنھِن سُھاءِ،
ڪانِهي حَدَ حَمدَ جِي، تَہ ڪَرِيان لالَنَ لاءِ،
ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتِريُون، وَڏِيُون وَڏاياءِ،
سو مُونھان مُورِ نَہ سَپَجي، جيڪِي تو جُڳاَءِ،
تو سَڃِيُون تو سَندِيُون، سِڪَنِ تَوِھِين ساءِ،
اُڃَ تُنھِنجِيءَ اُڃِيُون، لُڇَنِ توئِي لاءِ،
دِلِ دانھُنِ ري نَہ رَھي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 18 ]

مَڇُڻ ٿِيين مَلُورَ، ڪِينَ اَڳاھِين، آھِين،
ڏِسَڻَ ڪَري ڏُورِ، حَدَ ٻِنِهِي جِي ھيڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 29 ]
ڏِسَڻَ ڪَري ڏُورِ، حَدَ ٻِنِهِي جِي ھيڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 29 ]
تُون تان سَنبَھُ سَوارو، ڪاڪِ ڪَھَندين ڪَڏِھِين،
وَڃِي ھَڻَندَءِ اُتَھِين، جِتِ اوندَھِ اَنڌارو،
نَڪو ساٿِي سُڃَ ۾، نَڪو رِڃُنِ ريٻارو،
حامِي ٿِيندُءِ حَدَ ۾، سَيِّدُ سُونھارو.
[ سُر راڻو، وايون، 10 ]
وَڃِي ھَڻَندَءِ اُتَھِين، جِتِ اوندَھِ اَنڌارو،
نَڪو ساٿِي سُڃَ ۾، نَڪو رِڃُنِ ريٻارو،
حامِي ٿِيندُءِ حَدَ ۾، سَيِّدُ سُونھارو.
[ سُر راڻو، وايون، 10 ]
ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾،
مُون ڏِٺا مُون وِسَھو اَڳي پِيڇي اَنڌا،
اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وِجَهندا،
حَلالُ ڇَڏي ھِتَھِين، مَٿي ڍُونڍَ ڍَرَندا،
ڦِٽَلَ ڦَيارِنِ تي، اورِئائِين اڙَندا،
سَڱُ جيڏاھِين سُرَھو، تيڏاھَن نَہ تَرسَندا،
ھَنڌِ ھِدايَتَ جي، اُستَخان آڻِيندا،
چَمڙَنِ جِھَڙا چُھِنبَ وَڍِئا، ھُماءَ سين نَہ ھَلَندا،
طالِعَ طائُوسَنِ جا، پَسِئو زاغَ جَلَندا،
ھُد ھُد پاسي ھَنجَڙا، ويٺائِي وِھسَندا،
ڪُوڙا ڪِرفِتِيءَ تي، سَٽُون ڏِئو سِرَندا،
حَدَ لَنگِهئائُون حَقَ جِي، ٻِنِهِي پيرَ ٻَجِهندا،
پِرَ جي پاڙِيسرَنِ سين، چُڻُو تان نَہ چُڻَندا.
[ سُر پورب، وايون، 1 ]