جَرُ جي سنڌي معنيٰ
پاڻي، آب
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Water, aqua
جَرُ جا بيتن ۾ حوالا
نَڪِي چَري ڪَرَھو، نَڪِي اوڳاري،
سارِئو سانبيَڙَنِ کي، رويو جَرُ ھاري،
مَيي ويچاري، سُورُ سَدائِين پَنڌَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 33 ]
سارِئو سانبيَڙَنِ کي، رويو جَرُ ھاري،
مَيي ويچاري، سُورُ سَدائِين پَنڌَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 33 ]
پُڇان ٿِي توکي پانڌِي، ڪِٿي پِريان جا پَکَڙا،
جِتان جَتَنِ لَڏِئو، پَکَي ڇَڻِئا پَنَ،
جَرُ موتِيءَ جِيئَن ھارِئو، مُنھِنجي ھِينئَڙي ڀَڳا ڀَنَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 2 ]
جِتان جَتَنِ لَڏِئو، پَکَي ڇَڻِئا پَنَ،
جَرُ موتِيءَ جِيئَن ھارِئو، مُنھِنجي ھِينئَڙي ڀَڳا ڀَنَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 2 ]
عِشقُ جَنِي کي آڪِرو، تُرَھو مَٿي تَنِ،
جٖي ساھَڙَ کي سِڪَنِ، تَنِي جَرُ جَنڊُ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 40 ]
جٖي ساھَڙَ کي سِڪَنِ، تَنِي جَرُ جَنڊُ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 40 ]
ٻِئون گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِن ڀِنيءَ اوڏاھِين ڀَرُ،
مُندَ ڪَنَ اُڊَڪو نَہ ڪَري، جي ڪيرائي ڪَپَرُ،
جَسَنُ ڀانئي جَرُ، وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 22 ]
مُندَ ڪَنَ اُڊَڪو نَہ ڪَري، جي ڪيرائي ڪَپَرُ،
جَسَنُ ڀانئي جَرُ، وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 22 ]
جيڪِي ڏِٺُئِي تارِ ۾، ڪَنڌِيءَ سو ڪَھيجِ،
جَرُ وَڏو جهاجِهہ گهَڻِي، پاندُ مَ پُسائيجِ،
ساھَڙُ ساڱاھيجِ، تَہ ثابِتُ لنگهين سِيرَ مان.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 25 ]
جَرُ وَڏو جهاجِهہ گهَڻِي، پاندُ مَ پُسائيجِ،
ساھَڙُ ساڱاھيجِ، تَہ ثابِتُ لنگهين سِيرَ مان.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 25 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڪَرَھَلَ قَطاري،
چَڙِهئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، توڏا تَنواري،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ لَئي، رويو جَرُ ھاري،
اَدِيُون اوتاري راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 11 ]
چَڙِهئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، توڏا تَنواري،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ لَئي، رويو جَرُ ھاري،
اَدِيُون اوتاري راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 11 ]
رُئان تان راندِ، کِلان تان کامي ھِنيُون،
جَهلِئان جِهيڻو نَہ ٿِئي، جو جَرُ نيڻين پاندِ،
اَکڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَندِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 22 ]
جَهلِئان جِهيڻو نَہ ٿِئي، جو جَرُ نيڻين پاندِ،
اَکڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَندِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 22 ]
راڻي سَندو رُوحَ ۾، پَسُ جو پَڳَھُ پِئومِ،
ٻيڙِيءَ جِيئَن ٻَڌِي وِئو، سوڍو ساھُ سَندومِ،
وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ، جاڳِئو تي جَرُ ھارِيان.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 23 ]
ٻيڙِيءَ جِيئَن ٻَڌِي وِئو، سوڍو ساھُ سَندومِ،
وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ، جاڳِئو تي جَرُ ھارِيان.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 23 ]
مُون کاھوڙِي لَکِئا، گهَرين نَہ گهارِينِ،
واحِدَ لَڳِ وِلُهنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ،
گُوندَرُ گُذارِينِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 22 ]
واحِدَ لَڳِ وِلُهنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ،
گُوندَرُ گُذارِينِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 22 ]
ٿِيَنِ سِڪَ سَيِّدُ چئَي، تيرَھينِ ڏيِنھِن تَمامُ،
گَنگا لُوٽِي گودَڙِئا، جَرُ پِيتائُون جامُ،
ويٺا آھِين وِجودَ ۾، نانگا رَکِئو نامُ،
ڪھِئو اِي ڪَلامُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 13 ]
گَنگا لُوٽِي گودَڙِئا، جَرُ پِيتائُون جامُ،
ويٺا آھِين وِجودَ ۾، نانگا رَکِئو نامُ،
ڪھِئو اِي ڪَلامُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 13 ]
English Meaning
Water, aqua
جَرُ ٻول جا زمرا