تِرَ جي سنڌي معنيٰ
تيلي ٻج جو داڻو جو اڇو يا بعضي ڪارو ٿئي. تيلي ٻج جو ٻوٽو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The seed of the sesame, or name of the plant.
تِرَ جا بيتن ۾ حوالا
تارا تِرَ تِروڪَڙِيُون، مَٿِنِ ڦُلَڙِيُون،
کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي مان پييُون پِرِينءَ ري.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 3 ]
کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي مان پييُون پِرِينءَ ري.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 3 ]
تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا،
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
ڪِي جو ڪُنڀارَنِ، مِٽِيءَ پائي مَنِئو،
تَنھِين مان تِرَ جيتَرِي، جي پَئي خَبَرَ کَرَنِ،
ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھُنِ اَڱَڻِ اوراتو ٿِئي.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 14 ]
تَنھِين مان تِرَ جيتَرِي، جي پَئي خَبَرَ کَرَنِ،
ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھُنِ اَڱَڻِ اوراتو ٿِئي.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 14 ]
جَنِي لاءِ ٿِياسِ، لِنگَڙِيائي لُوءَ ۾،
تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَہ پُڇِياسِ،
جَهروڪَنِ جهورِئو ھِنيُون، ڪوٺِنِ آئُون ڪُٺِياسِ،
مارُنِ مُونجهَہ مُياسِ، نَہ تَہ ماڙِيُنِ مارِيَسِ ڪِينَڪِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 1 ]
تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَہ پُڇِياسِ،
جَهروڪَنِ جهورِئو ھِنيُون، ڪوٺِنِ آئُون ڪُٺِياسِ،
مارُنِ مُونجهَہ مُياسِ، نَہ تَہ ماڙِيُنِ مارِيَسِ ڪِينَڪِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 1 ]
جَڏَھانڪَرَ ٿَئامِ، ساڃَھِ سُپَيرِيَن سين،
تَڏَھانڪُون تِرَ جيتَرو، ويلَ نَہ وِسرِئامِ،
اَندَرِ رُوحَ رَھِئامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪَري.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 2 ]
تَڏَھانڪُون تِرَ جيتَرو، ويلَ نَہ وِسرِئامِ،
اَندَرِ رُوحَ رَھِئامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪَري.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 2 ]
English Meaning
The seed of the sesame, or name of the plant.