بوتَنِ جي سنڌي معنيٰ
اُٺن، ننڍن جوان اٺن، گونرن، ڪنواٽن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Young camels, camels.
بوتَنِ جا بيتن ۾ حوالا
اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ ساٿَ جي،
پيرَ پانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَهہ،
چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين، لَڪَنِ ڪِئَڙُسِ لالَ،
ڪيچان آيو قافِلو، مَيَنِ مَٿي مالَ،
اِيندِيَئِي بُوءِ بوتَنِ جِي، جَهلِجِ پَٻَ پِيالَ،
جِتي جَمازَنِ کي، جَبَلَ ٿِيَنِ جَنجالَ،
پُڇي پيادَنِ کي، آرِياڻِي اَحوالَ،
جي ڀانيَين جَتَنِ جي، ويجهِي ٿِيان وِصالَ،
پُرِي پَٻَ وَرَنِ ۾، وِجِهِجِ ڪا وَڙالَ.
[ سُر معذوري، وايون، 2 ]

وَرَ ۾ ڪونِهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪِئو،
نِھارِيندِيَسِ نِڪِرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ،
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روھَ رَتِيُون ٿِيين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 15 ]

ڪيڙي ڪيچايَنِ، گورا گَسِ ھَلايا،
لَڙئو چَڙِهئو چوٽِيين، ڪَرِئو ڪوھَ ڪِرنِ،
لَتاڙي لَطِيفُ چئَي، لَنگهِئو بَرُ بوتَنِ،
تَنِ ڪِھَڙِي چُڪَ چانگَنِ، ھوتُ حِمايَتِي جَنِ جو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 11 ]

جاڳائي جَتَنِ، گورا گَسِ ھَلايا،
پَھتِي ريءَ پَھاڙَ ۾، اُٺَ مَ آڳِٽِجَنِ،
سُونھان جٖي سَردارَ سين، توڏَ مَ تَرٽِجَنِ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، لَنگِهئو بَرُ بوتَنِ،
تَنِ ڪِھَڙو غَمُ گُنگَنِ، ھوتُ حِمايَتِي جَنِ جو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 12 ]

پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ مُنھِنجو،
مُون کي بُکَ بوتَنِ جِي، نَڪِي ڀايان نانُ،
شَھَرُ صَحرا ڀانيان، مُون ليکي مَيدانُ،
وجِهجِ پِڪَ پينارَ تي، پِريَمِ کائِي پانُ،
پِٽِيان مُنھُن پَسَڻَ لَئِي، ھِتي ٿِي حَيرانُ،
ديوانِيءَ کي دِلِ ۾، سُورَنِ جو سامانُ،
رُئان ٿِي رِڃُنِ ۾، آرِيءَ لئِي عُرِيانُ،
آھي آرِيءَ ڄامَ جو، مُون کي ڪارِي ڪانُ،
ڪَڏِھِين ٿِيندو ڪيچَ ۾، مُٺِيءَ جو مَڪانُ،
آھِين عَبدِالْلَطِيفُ کي، اَڳِئان تُون اَڳواڻُ.
[ سُر حسيني، وايون، 5 ]

رائو سَڄائِي راتِ، اوٺِيَنِ گهَڻو اُڇَلِئو،
بِرَھمَڻِ کي بَرَ ۾، سَندِي بوتَنِ باتِ،
وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، تَنُ پِريان جِيءَ تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، سَڳَرِ ٿِيندِي ساٿَ جي.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 13 ]
بِرَھمَڻِ کي بَرَ ۾، سَندِي بوتَنِ باتِ،
وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، تَنُ پِريان جِيءَ تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، سَڳَرِ ٿِيندِي ساٿَ جي.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 13 ]
English Meaning
Young camels, camels.
بوتَنِ ٻول جا زمرا