آرِي جي سنڌي معنيٰ
پنهونءَ جي پيءُ جو نالو، پنهون ڄام، هوت ذات جي سردار جو نالو. سڌريل. پڙهيل. شريف. عزت مند، مانوارو. خانداني. سردار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Jam Punhoo, name of Punhoo's father, Name of tribe's head in Hoat community. Nobel, respectable.
آرِي جا بيتن ۾ حوالا
اوکِيءَ آڳَھُ آھي، وو آھي،
مُون کي تان نَہ ڇَڏيندو ڇَپَرين،
آرِي اُگهاڙِنِ کي، پُنهون ڄامُ پَراھي،
پُڇي پوءِ پِئَنِ کي، لَڪَنِ ۾ لَڏَ لاھي.
[ سُر آبڙي، وايون، 6 ]
مُون کي تان نَہ ڇَڏيندو ڇَپَرين،
آرِي اُگهاڙِنِ کي، پُنهون ڄامُ پَراھي،
پُڇي پوءِ پِئَنِ کي، لَڪَنِ ۾ لَڏَ لاھي.
[ سُر آبڙي، وايون، 6 ]
آءُ اوراھُون سُپِرِين، ڏُکِيءَ ڏيجِ مَ ڏاگهُہ،
وَٽِ ڇَڏي مُون واگهُہ، آرِي وِئين عِشقَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 4 ]
وَٽِ ڇَڏي مُون واگهُہ، آرِي وِئين عِشقَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 4 ]
آءُ اوراھُون سُپِرِين، آرِي لَڳِ اللهَ،
توکي سارِئو ساھُ اُڪَنڊِئو آھُون ڪَري.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 6 ]
توکي سارِئو ساھُ اُڪَنڊِئو آھُون ڪَري.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 6 ]
آءُ اوراھُون سُپِرِين، اللهَ لَڳِ آرِي،
ڀُڻان بيڪارِي، تُون پارِسَ رَسِجِ پَٻَ ۾.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 7 ]
ڀُڻان بيڪارِي، تُون پارِسَ رَسِجِ پَٻَ ۾.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 7 ]
ڏِسَڻَ ڪَرَ ڏارِي، اَندَرِ سَتِي سَسُئِي،
اِنهين پَرِ آرِي، ڪانڌُ ڪَمِيڻِيءَ کَٽِئو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 12 ]
اِنهين پَرِ آرِي، ڪانڌُ ڪَمِيڻِيءَ کَٽِئو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 12 ]
اُو ڪَمتَرِ ڏِسجَنِ ڪَٿھِين، جي پُنهونءَ پِيارِيُون،
اَڳِئان اُڀو اُنِ کي، جَتَ ڪَري زارِيُون.
ڏِنگِيُون جٖي ڏارِيُون، آرِي عاجِزُ اُنِ جو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 26 ]
اَڳِئان اُڀو اُنِ کي، جَتَ ڪَري زارِيُون.
ڏِنگِيُون جٖي ڏارِيُون، آرِي عاجِزُ اُنِ جو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 26 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اوڳِي اَوائِي،
لاڳاپَنِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ رائِي رَھائِي،
ڪانَہ ٽُھارِي ٽَڪَرين ساڻُسِ سَڳائِي،
جَلَڻُ جَڏائِي، آرِي لاھِ اَصِيلِ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 4 ]
لاڳاپَنِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ رائِي رَھائِي،
ڪانَہ ٽُھارِي ٽَڪَرين ساڻُسِ سَڳائِي،
جَلَڻُ جَڏائِي، آرِي لاھِ اَصِيلِ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 4 ]
ڪو مُنھُن ڪُٺَلِ آيو، وَسِ نَہ ويچارِي،
ھوتَ تُنھِنجِي ھَٿَ ري، پَھچي نَہ پارِي،
اَچين جي آرِي، پاندُ، جَهلي لَڪُ لَنگهِيان.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 10 ]
ھوتَ تُنھِنجِي ھَٿَ ري، پَھچي نَہ پارِي،
اَچين جي آرِي، پاندُ، جَهلي لَڪُ لَنگهِيان.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 10 ]
آرِي ڏي نَہ اِيئَن، اَکڙِيُون اَنڌِنِ کي،
وَنِيُون جي وِڇايان، ساڻُ نَہ ھُوندِيُون سِينءَ،
سي ڪُوڙِيُون پَسَنِ ڪِيئَن، پيشانِي پُنهونءَ جِي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 13 ]
وَنِيُون جي وِڇايان، ساڻُ نَہ ھُوندِيُون سِينءَ،
سي ڪُوڙِيُون پَسَنِ ڪِيئَن، پيشانِي پُنهونءَ جِي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 13 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ جالارا،
ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگَرين، لَيءِ آرِي اُلارا،
ڪَھَ ۾ ڪوھِيارا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 4 ]