ھيجَ جي سنڌي معنيٰ
دلچسپي، جارُ، شوق، محبت، پيار، قرب. چاھُ، ڪاڍو. خوشي. آر، لاڙ. ماڻو، انگل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pleasure, love, affection,
ھيجَ جا بيتن ۾ حوالا
ھُوءِ جٖي مَنجهان ھيجَ، وَھمَ پِريان جي وَڍِئا،
ٻُڪِي ڏيئِي تَنِ کي، ڪوھُ ڪَريندا ويڄَ،
نَہ ڪا پِڇَ نَہ پيڄَ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 26 ]
ٻُڪِي ڏيئِي تَنِ کي، ڪوھُ ڪَريندا ويڄَ،
نَہ ڪا پِڇَ نَہ پيڄَ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 26 ]
خُوبِي مَنجِهہ خِفَتَ، اِي دوسِتَ دِقتَ، آھي عَبدِالْلَطِيفَ کي،
مَدَحَ مُنھان نَہ ٿِئي، سَندَڙِي سُورَ صِفَتَ،
حُزُنُ ھوتَ پُنُوھَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
ھِجي ڪَرِيان ھيجَ سين، مُطالِعَ مَحَبتَ،
پِريان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرَحَتَ.
[ سُر معذوري، وايون، 1 ]
مَدَحَ مُنھان نَہ ٿِئي، سَندَڙِي سُورَ صِفَتَ،
حُزُنُ ھوتَ پُنُوھَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
ھِجي ڪَرِيان ھيجَ سين، مُطالِعَ مَحَبتَ،
پِريان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرَحَتَ.
[ سُر معذوري، وايون، 1 ]
نيئِي نيئِي ڏيجِ اي اَدا، پانڌِي پِرِينءَ سَنِيھو،
ڪالَهہ ڪُوماڻا گُلَڙا سُڪا مَٿي سيڄَ،
تو لَئي ھَنجُون ھارِيان، ھي جي مَنجهان ھيجَ،
جِيئَن آن ڀيرو نَہ ڪِئو، تِيئَن مان مُئِي سُڻيجِ.
[ سُر راڻو، وايون، 1 ]
ڪالَهہ ڪُوماڻا گُلَڙا سُڪا مَٿي سيڄَ،
تو لَئي ھَنجُون ھارِيان، ھي جي مَنجهان ھيجَ،
جِيئَن آن ڀيرو نَہ ڪِئو، تِيئَن مان مُئِي سُڻيجِ.
[ سُر راڻو، وايون، 1 ]
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، ڀِري ڪِئائِين ڀيڄَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، سارَنگُ چاڙھي سيجَ،
تَنھِن نُورِيءَ نَوازي، ڏيئِي ڏِنَڙا ڏيجَ،
ٻِجُ کَڻِي پَٽِ ھَلِئا، ھاري مَنجهان ھيجَ،
راضِي مَنجهان ريجَ، عالَمُ سَڀَ آبادِ ٿِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 3 ]