ڪُڙِمَ جي سنڌي معنيٰ
گهراڻو، ڪُنبو، خاندان. گهرٻار، ڪٽنب، آڪھ، عَيالُ، ذات وارا، قبيلو، قوم، شريڪ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A family. Tribe, nation.
ڪُڙِمَ جا بيتن ۾ حوالا
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪِئا ھيڪَلِيُن حِيلا،
جِتِ ڪُڙِمَ نَہ قَبِيلا، تِتِ رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 12 ]
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪِئا ھيڪَلِيُن حِيلا،
جِتِ ڪُڙِمَ نَہ قَبِيلا، تِتِ رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 12 ]
قافَئُون قَرابَتَ ڪُڙِمَ کان، ڇِنِي ڇَڏِيائُون،
لاھُوتَ ۽ جَبَرُوتَ جا، اُھِڃَ آندائُون،
ناسُوتَ ۽ مَلَڪُوتَ ۾، گِهڙِي گهارِيائُون،
فَبَصَرُڪَ الْيَوْمَ حَدِيدٌ ، اِيَھِين اُتائُون،
سَڳَرُ سُوٺائُون، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي،
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 21 ]