ڪُونجُون جي سنڌي معنيٰ
جبل ۾ رهندڙ ڊگهي ڳِچيءَ سان سھڻا پکي، ڪُنجِيون، قاز، ڪُلَنگ، راجُ هَنس، حوامَل قد ۾ ٽي، چار فوٽ، رنگ خاڪي، ٺھرايل موسم ۾ اصلوڪي وطن مان اُڏامي ٻي پاسي وڃن، سياري جي موسم ۾ وَلَرن جا وَلَر سنڌ ۾ اچن ۽ مارچ مهيني ۾ لاڏاڻو ڪن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A bird named Common crane. Grus grus, Eurasian crane. A bird of the family Gruidae, the cranes.
ڪُونجُون جا بيتن ۾ حوالا
ڪُونجُون ٿِيُون ڪُڻِڪَن، جيڪُسِ ھَلَڻَ ھارِيُون،
ٻَچا پوءِ سَندَنِ، وَڃَنِ واڌا ڪَندِيُون.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 16 ]
ٻَچا پوءِ سَندَنِ، وَڃَنِ واڌا ڪَندِيُون.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 16 ]
آهِينِ اَبُرَ آسِري، جَرَ ۾ سِپُون جِيئَن،
ڪُونجُون سارِينِ روھَ کي، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن،
هُتِ وَعدا وَڃَڻَ جا، هِتي نَہ ڀانيُمِ هِيئَن،
ڪوٺِيُنِ وِهان ڪِيئَن، جَي نَظَرَ بَندِياڻِي نَہ هُئان.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 2 ]