ڪَٿَ جي سنڌي معنيٰ
تخمينو. اندازو، انومان تَڪ، تخمينو، اٽڪل، اندازا، اٽڪل روءِ. ماپ، وزن، تور، ماڻ. شمار، ڳاڻيٽو، ليکو، حسابُ، ڳڻپ، ڳڻت. مُلهہ، قيمت، اگهہ. قياس، قياس آرائي، خيال، فڪر.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Disputation, altercation, long talk. Estimate, computation.
ڪَٿَ جا بيتن ۾ حوالا
لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ،
سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄَ ڳالِهہ مِڙِين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 1 ]
سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄَ ڳالِهہ مِڙِين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 1 ]
مَيا مَڃُ مِنَٿَ، اَڄُ مُنھِنجِي ڪَرَھا،
جهاڳِيندي جَرَ پَٽِيُون، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 6 ]
جهاڳِيندي جَرَ پَٽِيُون، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 6 ]
لَڪَ لاکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي ڪاھِ،
آھُرَ ۾ ايلاچِيُون، پوڄَ مَيي کي پاءِ،
ڪَٿَ نَہ ڪَندو ڪاءِ، پَلاڻِئو تَہ پِريِنءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 59 ]
آھُرَ ۾ ايلاچِيُون، پوڄَ مَيي کي پاءِ،
ڪَٿَ نَہ ڪَندو ڪاءِ، پَلاڻِئو تَہ پِريِنءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 59 ]
English Meaning
Disputation, altercation, long talk. Estimate, computation.