ڪَرَھَلُ جي سنڌي معنيٰ
ڪَرهو، اُٺ، ڏاگهو، ڪره، توڏو، مَيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Young camel.
ڪَرَھَلُ جا بيتن ۾ حوالا
تانۡ تانۡ ڪَرَھَلُ ڪاھِ، جانۡ جانۡ آھي سوجِهرو،
مَتان ٿِئي اُونداھِ، پيرُ نَہ لَھين پِرِينءَ جو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 18 ]

جيڏِيُون آئُون ڪا پاڻَ وَھِيڻِي آھِيان، ڪا مُون سارَ لَھِيجا،
جيڏانھَن ھَلائِينِمِ سُپِرِين، پيرَ اوڏاھِين پايان،
قَلَمُ ڪاتِبَ ھَٿَ ۾، آئُون ڪا لِکِئي مان لِکَ لاھيان،
واڳَ ڌَڻِيَنِ ھَٿَ ۾، ڪيڏانھَن ڪَرَھَلُ ڪاھِيان.
سَدا سُپَيرِيَن لَئي ويٺِي ڪانگَ اُڏائِيان،
اِيندا عَبدِالْلَطِيفَ چئَي، آسَ اُميدَ نَہ لاھِيان.
[ سُر آسا، وايون، 4 ]

ڪَرَھَلُ ٻول جا زمرا