ڪَثرَتَ جي سنڌي معنيٰ
گهڻائي، جهجهائي، انيڪتا، فراواني، واڌارو، اضافو، ڳاهٽ، ماڻهن جو انبوھ. سُڪر، سَبزسالي. تصوف جي اصطلاح ۾ ”وَحدَتَ“ جا مختلف جلوا، صفات.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Plural, many, few, genitive, diversity
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڪَثرَتَ جا بيتن ۾ حوالا
وَحدَتان ڪَثرَتَ ٿِي، ڪَثرَتَ وَحدَتَ ڪُلُ،
حَقُ حَقِيقِي ھيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھِيءُ ھُلاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 14 ]
حَقُ حَقِيقِي ھيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھِيءُ ھُلاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 14 ]
تاڙَ ڇَڏي ڄاڻَ سِکُ، مِتِيُون سَڀَ مُنجهاءِ،
پھرِين پاڻُ ڦِٽو ڪَري، پِرِين پوءِ پُڇاءِ،
وَحدَتَ ساڻُ وِڃاءِ، ڪَثافَتَ ڪَثرَتَ جِي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 12 ]
پھرِين پاڻُ ڦِٽو ڪَري، پِرِين پوءِ پُڇاءِ،
وَحدَتَ ساڻُ وِڃاءِ، ڪَثافَتَ ڪَثرَتَ جِي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 12 ]
English Meaning
Plural, many, few, genitive, diversity