ڪَبابُ جي سنڌي معنيٰ
کاڌي جي شيءِ جو هڪ قسم، سِيخَ ۾ پڪل قيمون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Roasted meat (Kabab), kind of fast food
ڪَبابُ جا بيتن ۾ حوالا
رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن،
لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ،
سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 6 ]
لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ،
سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 6 ]
جَتَنِ سين جَوابُ، ڪِھَڙو ڪَندِيَسِ جيڏِيُون،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَري ڏيرَ ڪَبابُ،
آرِياڻِي آبُ، رَکُ ڪَمِيڻِيءَ جو ڪيچَ ۾.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 7 ]
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَري ڏيرَ ڪَبابُ،
آرِياڻِي آبُ، رَکُ ڪَمِيڻِيءَ جو ڪيچَ ۾.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 7 ]
سامِي کامِي پِرِينءَ لَيءِ، ڪُسِي ٿِئا ڪَبابُ،
اوتِينِ اَرَتي گاڏُئُون، مَنجهان اَکِيُنِ آبُ،
تِھَڙو ڏِسَنِ ڏوھُ کي، تِھَڙو تَنِ ثَوابُ،
سَندو ذاتِ جَوابُ، تُون ڪِيئَن پُڇين تَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 21 ]