ڪَبابَ جي سنڌي معنيٰ
کاڌي جي شيءِ جو هڪ قسم، سِيخَ ۾ پڪل قيمون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Roasted meat (Kabab), kind of fast food
ڪَبابَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ،
نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، لائِيين جَي لُعابَ،
پَلِيتو ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجِهہ جُنابَ،
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏَي، ريڙِيين ساڻُ رِڪابَ،
چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، آئُون ڇَڙِ عُقابَ،
دِيدُ وِڃايُمِ دوسِتَ جو، ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
سو نَہ ڪَنھِن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
جٖي جَهرَڪِئا جَرَ تي، اِيءَ تانْ سَڀَ حُبابَ،
فَنا وِجَهندَءِ فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ڏي طَھُورا تَنِ کي، جٖي سِڪَنِ لَئي شَرابَ،
مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، ياوَھ سَڀَ جَوابَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 1 ]

ڪيھَرِ قَصَدُ ڪَبابَ سين، مَڇِي مُورِ نَہ کاءِ،
جَي سِينھان سَؤُ لَنگهَڻين، توءِ نَہ لِکَ لَکاءِ،
پيرُ تِتَھِين پاءِ، جِتِ ناھِ مَجالَ مِرُونءَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 19 ]

نِينھَن سِيچاڻي، سِينھَن، ٽِنهِي قَصَدُ ڪَبابَ سين،
راتِ کاڌائُون ڏِينھَن، تَہ پُڻ ڀُڻَن بُکِئا.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 20 ]