کَري جي سنڌي معنيٰ
آڳڙي، پوک جي ٻارِ. (جتي لاباري ڪرڻ کان پوءِ سنگن کي ڳاهيو ويندو آھي. کرو) ٻنيءَ ۾ انَ جي ڍڳ رکڻ جي جاءِ، لاباري بعد انَ جي سنگن رکڻ ۽ ڳاهڻ جي جاءِ. انَ جو ڍِڳُ، انَ جو ڍير، هنبار، انبار، راھِ، انَ جو ڌڙو. ان جو ديرو. آڳڙو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Place where harvested cereal is processed and cleaned from roots and stems. Place of agricultural yield is stocked.
کَري جا بيتن ۾ حوالا
ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ اَڌَ ڪَري،
آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتا نِينھَن کَري،
دُوئِي ڌارَ ڌَري، جُھ خُلَتَ خَنجَرُ آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 2 ]
آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتا نِينھَن کَري،
دُوئِي ڌارَ ڌَري، جُھ خُلَتَ خَنجَرُ آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 2 ]
ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا،
ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ ري، ھَڏِ نَہ ساھَ سَري،
جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکرِي ڏُکَ ڏَرِي،
آءُ اوراھُون سُپِرِين وَڃُ مَ پِيَ پَري،
مُون ڏِٺِي مُون وِسَھو، وِرِچِي تان نَہ وَري،
ڏُکِيءَ جَي ڏيکارِيين، ڌَران مُنھَن مَري،
پِيالي پِرِيَنِ جي، موھِيَسِ ميٺَ کَري،
آرِيءَ جِي عِشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري،
توکي توءِ نَہ ڇَڏيان، جَي وَڃان ڀُون تَري،
ڌَڙُ وِجَهندِيَسِ ڌُوڙِ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري،
ھَلَڻُ سُڻِي ھوتَ جو، ڏُکِي پَسُ ڏَري،
پِرِين کَڻِجِ پانھِنجُون، اَکِيُون ٻاجَهہ ڀَري.
[ سُر حسيني، وايون، 32 ]

ھُو جٖي ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي، تَنِ لَھي نَہ لالِي،
کَري کيپَ خُمارِئا، مَئي پِي مَوالِي،
ڪَري حاصِلُ ھَلِئا، ڪيفِيَتَ ڪَمالِي،
وَتَنِ وِصالِي، لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 4 ]
کَري کيپَ خُمارِئا، مَئي پِي مَوالِي،
ڪَري حاصِلُ ھَلِئا، ڪيفِيَتَ ڪَمالِي،
وَتَنِ وِصالِي، لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 4 ]
آسَڻَ جَنِ اَريجَ ۾، اُوءِ کَپُرَ وِھَ کَري،
مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪِرُ ڪِينَ ٽَري،
جي ھيڪَرَ ڏَنگُ ھَڻي، تَہ جاءِ نَہ ٿِيي جَرِيءَ جِي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 12 ]
مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪِرُ ڪِينَ ٽَري،
جي ھيڪَرَ ڏَنگُ ھَڻي، تَہ جاءِ نَہ ٿِيي جَرِيءَ جِي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 12 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
*agro-
Proto-Indo-European root meaning "field;" probably a derivative of root *ag- "to drive, draw out or forth, move."
It forms all or part of: acorn; acre; agrarian; agriculture; agriology; agro-; agronomy; onager; peregrinate; peregrination; peregrine; pilgrim; stavesacre.
It is the hypothetical source of/evidence for its existence is provided by: Sanskrit ajras "plain, open country," Greek agros "field," Latin ager (genitive agri) "a field," Gothic akrs, Old English æcer "field."
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
Place where harvested cereal is processed and cleaned from roots and stems. Place of agricultural yield is stocked.