ڦَڪِيُون جي سنڌي معنيٰ
ٻوري ٿيل دوا جا وزن ڦڪڻ لاءِ. سفوف، ترڪي، چُورا، ٻورا، ٻڪيون. ڪُٽيل دوائون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Doses of powdered medicine, powders, remedies.
ڦَڪِيُون جا بيتن ۾ حوالا
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دارُون کي دَردَنِ،
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، ڏاتَرَ کي ڏکَندَنِ،
تَڏِھِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏھِن اَمُرُ ڪَرِيين اُنَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 3 ]

تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا،
دارُون ھِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سُورَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 24 ]

ويڄَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ،
مُون کي مُون پِرِيَنِ، چَتُرَ ساڻُ چَڱو ڪِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 25 ]

تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي جيڏِيُون،
ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانھَڙِي،
ڦِڪِيُون ڏيئِي ڦَڪِيُون، ويڄَنِ آئُون وِرچائِي،
حُسُنَ ھوتَ حَبِيبَ جي، لالِيءَ آئُون لُڇائِي،
صُحبَتَ سُپرِيَنِ جِي، مِٺِي آھِ مِٺائِي،
اُلُفَتَ ڪَرِ مَ اُنَ سين، قُرِبَ جا ڪَڙائِي،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ سين، وَحدَتَ وَٽَ وِرھائِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 12 ]