ڏَنڀَ جي سنڌي معنيٰ
داغَ، داڳَ، ڦُلَ، ٿڌا، سڙيل هنڌ جا نشان، ساڙ جا نشان. ٽُڪا، ٽِڪا، چُٽا. ڇاپَ، نشانَ، ڪِلَنڪَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Burn, brand, burn scar, mark, cautery, moxibustion, cauterization
ڏَنڀَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪُٺِيَسِ ڪُويڄَنِ، تَنَ طَبِيبَ نَہ گَڏِئا،
ڏيئِي ڏَنڀَ ڏَڏَنِ، پاڻان ڏِيلُ ڏُکويو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 17 ]
ڏيئِي ڏَنڀَ ڏَڏَنِ، پاڻان ڏِيلُ ڏُکويو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 17 ]
ڪُوماڻا ڪَڙِيُون ڪَري، چاڪَ اُڀَرِئامِ،
واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 28 ]
واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 28 ]
ٻيڙِيءَ جٖي ڀُڻَنِ، نِينھُن نَہ ڪِجي تَنِ سين،
اُڀا ڏَنڀَ ڏِسَنِ، جُھ ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 7 ]
اُڀا ڏَنڀَ ڏِسَنِ، جُھ ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 7 ]
ڪُھَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندي سَڄَڻين،
سُورِيءَ چاڙِھِئو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِھاڙئو ڏِينِ،
ويٺا وِرھُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِئا وِھاءِ تُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 22 ]
سُورِيءَ چاڙِھِئو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِھاڙئو ڏِينِ،
ويٺا وِرھُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِئا وِھاءِ تُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 22 ]
چاڪَ اُڀرِئا، ڪُو ماڻا ڪَڙِيُون ڪَري،
لَڳي ڌَڪَ لَڪَنِ سين، چُرِي چاڪَ پِئا،
ڏيرَنِ ٻِئا ڏِنا، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 11 ]
لَڳي ڌَڪَ لَڪَنِ سين، چُرِي چاڪَ پِئا،
ڏيرَنِ ٻِئا ڏِنا، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 11 ]
English Meaning
Burn, brand, burn scar, mark, cautery, moxibustion, cauterization