ڊَڀَڙا جي سنڌي معنيٰ
دوا، چَوَڙن، رَسوَل، سُرخيءَ وغيرہ مان ٺاهيل دارون، ڦُڙا، سُتيون، علاج. ٻوٽي يا گاھ جو هڪ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Medicines, drugs, remedies, herbal plants.
ڊَڀَڙا جا بيتن ۾ حوالا
تَنَ طَبِيبَ نَہ تُون، سُڌِ نَہ لَھين سُورَ جِي،
سانڍِ پَنھِنجا ڊَڀَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون،
ڪانَہ گُهرِجي مُون، حَياتِي ھوتَنِ ريءَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 1 ]
سانڍِ پَنھِنجا ڊَڀَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون،
ڪانَہ گُهرِجي مُون، حَياتِي ھوتَنِ ريءَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 1 ]
ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري ٻِئا ڊَڀَڙا،
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]
اِبرَ دانائي جٖي، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين،
ھارِئا تَنِي تي، ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 11 ]
ھارِئا تَنِي تي، ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 11 ]
ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا، ڪَندا ڪونَہ فَرَقُ،
مُون کي ٿِئا مَرَڪُ، سُپيرِيان جا ڌَڪَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 12 ]
مُون کي ٿِئا مَرَڪُ، سُپيرِيان جا ڌَڪَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 12 ]
ھُئَين تَہ ويڄَنِ وَٽِ، تُون ڪِيئَن جِيءَ جَڏو ٿِئَين،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، ڪوھُ نَہ ڪِيَئِي ڊَڀَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 18 ]