ڊَپُ جي سنڌي معنيٰ
ڊاءُ، ڀؤ، خوف، ڊڄُ، ڏَرُ، ڊيڄو، خطرو، هراس. اُڊڪو، انديشو، سنڪوچ. تاب، دهڪو، دهشت، هيبت. ڏکو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fear, terror, scare.
ڊَپُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي چَرَھو چَکِئو،
ڪَرَھي ڪاڻيٺُون رَتِيُون، نائي ناگيلا،
وَڳُ واسِئائِين پانھِنجو، سَڀوئِي سُراھِيان،
ڪَرَھو سَرَھو ڏيھَ ۾، نَہ تَنھِن ڊَپُ نَہ ڊاءُ،
پاھُ پِرائي آيو، لالِي لُڊُڻِئان،
تُون ڍاٽِي تُون ڍَٽَ ڌَڻِي، تُون راڻو تُون راءُ،
مُومَلَ مُحتاجِيُون ڪَري، عاجِزِيُون اَڳِياءُ.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 19 ]

اُڌَمِئو اوڙاھُ، لَکين وَھنِ واھُڙا،
سَمي سَرو چِڪايو، پِيئي شاھُ گَدا،
راھُوءَ جِي رِھاڻِ ۾، نَڪو ڊَپُ نَہ ڊاءُ،
ھوتاڻِيءَ ھَٿان، وِڙَ پُڻ وَڃَنِ واسِئا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 9 ]
سَمي سَرو چِڪايو، پِيئي شاھُ گَدا،
راھُوءَ جِي رِھاڻِ ۾، نَڪو ڊَپُ نَہ ڊاءُ،
ھوتاڻِيءَ ھَٿان، وِڙَ پُڻ وَڃَنِ واسِئا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 9 ]
اُنَڙَ ۾ آسَ گهَڻِي، تِھان وَڏيرو ڊَپُ،
مَڱڻَھارَنِ مَپُ، جَو نَہ موٽائي مَڱڻا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 17 ]
مَڱڻَھارَنِ مَپُ، جَو نَہ موٽائي مَڱڻا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 17 ]
گهاتُوئَڙا اَدا، مَتان اَئِين رَڇَ وِڃايو،
گهوري ماري گهاتُوئا، رَڇَنِ رَنڱُ ڏِجائو،
مَھِندان اِنَ مُلِڪَ جو، اَئِين ڪو ڊَپُ ڪِجائو،
ڪَري صَلاحَ سَيِّدُ چئَي، اُونِهي اُھَريجائو.
[ سُر گهاتو، وايون، 1 ]
گهوري ماري گهاتُوئا، رَڇَنِ رَنڱُ ڏِجائو،
مَھِندان اِنَ مُلِڪَ جو، اَئِين ڪو ڊَپُ ڪِجائو،
ڪَري صَلاحَ سَيِّدُ چئَي، اُونِهي اُھَريجائو.
[ سُر گهاتو، وايون، 1 ]
English Meaning
Fear, terror, scare.