پَکَڙا جي سنڌي معنيٰ
جهوپڙا، ننڍا گهر، گهرڙا، ڪکن مان ٺاھيل گهر، چنئورا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Nests, small houses, house build by wooden sticks, cottages
پَکَڙا جا بيتن ۾ حوالا
ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏُورِ ٿِئي،
تُون تَنِي سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 21 ]
تُون تَنِي سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 21 ]
پُڇان ٿِي توکي پانڌِي، ڪِٿي پِريان جا پَکَڙا،
جِتان جَتَنِ لَڏِئو، پَکَي ڇَڻِئا پَنَ،
جَرُ موتِيءَ جِيئَن ھارِئو، مُنھِنجي ھِينئَڙي ڀَڳا ڀَنَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 2 ]
جِتان جَتَنِ لَڏِئو، پَکَي ڇَڻِئا پَنَ،
جَرُ موتِيءَ جِيئَن ھارِئو، مُنھِنجي ھِينئَڙي ڀَڳا ڀَنَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 2 ]
وانءُ ڪُنڍِيُون ڪاھي، سيڙِھي سَنگهارَنِ جي،
مِينھُن نَہ مَٽائي، اُنِهين سَندا پَکَڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 19 ]
مِينھُن نَہ مَٽائي، اُنِهين سَندا پَکَڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 19 ]
چَلِئا کَڻِي چَنجُورَ، اوڏا اُلوڙي پَکَڙا،
کَنيائُون تَنھِن کُوڻِ، جيڏانھَن لاکي لَڏِئو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 32 ]
کَنيائُون تَنھِن کُوڻِ، جيڏانھَن لاکي لَڏِئو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 32 ]
جهُڙ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، اُتِ اَڏِئائُون پَکَڙا،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، قَدُرُ نَہ ڪيڻانِ،
جيڪُسِ آئُون وِسَرِيانِ، مارُو قُوتِ قَرارِئا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 23 ]