پَڙاءُ جي سنڌي معنيٰ
لشڪر جي منزل گاھ. ڊاٻو، منزل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Halt, bivouac, a halting place, station, encampment.
پَڙاءُ جا بيتن ۾ حوالا
چَوڌارِي چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا،
سُتي سَنڀارَنِ جو، پِئَڙُمَ ڪَنِ پَڙاءُ،
وِھَڻُ مُون نَہ وَڙاءُ، سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 2 ]

مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ٽيئي وِڄُنِ جي وَڙاءَ،
اُنِ کي جوڙا زَربَفتَ جا، ٻِئا سَهچَنِ سونَ ڪَڙا،
کاڄُ کَٿُورِي اُنِ جو، جوھَرَ ڪَنِ جَڙاءَ،
لُڏَنِ لُڊُوڻي ڪَنڌِيين، اُنِ جو پَٽَنِ پوءِ پَڙاءُ،
جَنِ پِيتو ڪاڪِ تَڙان، سي لوڍِي لاکِيڻا ٿِئا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 13 ]

مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ڪونِهي اِنَ اوڄاھُ،
عُمَرَ جي اِنصافَ جو، پِئُسِ ڪَنِ پَڙاءُ،
ويٺِي چوءِ اللهُ، مُون تي مِٽَ نَہ موٽِئا.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 3 ]