ٻانِهيءَ جي سنڌي معنيٰ
نوڪرياڻيءَ، غلامِ، ڪنيزِ، داسيءَ، خدمتگذارِ، ڪامڙيءَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Maid, slave, servent girl
ٻانِهيءَ جا بيتن ۾ حوالا
پيرَ پَٽايِئن ڪُونئَرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي،
ڦَٽِئا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، سِيرُون ٿِئا سي،
جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، پُري پُنهونءَ ڏي،
وَڃِي مانَ وَري، ٻانِهيءَ ٻانڌَڻُ جَنھِن سين.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 19 ]
ڦَٽِئا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، سِيرُون ٿِئا سي،
جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، پُري پُنهونءَ ڏي،
وَڃِي مانَ وَري، ٻانِهيءَ ٻانڌَڻُ جَنھِن سين.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 19 ]
آئُون تانۡ اِھَڙِيائِي، جَا ٻانِهيءَ کي ٻائِي چَوان،
مُون ڪَمِيڻِيءَ لاءِ، پُنهون ٿي پَرٽُ ٿِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 17 ]
مُون ڪَمِيڻِيءَ لاءِ، پُنهون ٿي پَرٽُ ٿِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 17 ]
ڍَرَنِ تِتِ ٻَرَنِ، ڪوڙيِين قَندِيلَنِ جُون،
رَھَنِ ڪَٽي ڪَنڌِيين، بوتا مَنجِهہ بَرَنِ،
وَڻَ ٽِڻَ ڦُلَنِ ڇانيا، چانگا جِتِ چَرَنِ،
وَڃِي مانَ وَرَنِ، ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 18 ]
رَھَنِ ڪَٽي ڪَنڌِيين، بوتا مَنجِهہ بَرَنِ،
وَڻَ ٽِڻَ ڦُلَنِ ڇانيا، چانگا جِتِ چَرَنِ،
وَڃِي مانَ وَرَنِ، ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 18 ]
ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سان، اللهَ سيئِي آڻِ،
پِييَمِ جا پِرِيَنِ سين ، سا ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ،
آھِيان گهَڻو اَڄاڻِ، موٽُ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 19 ]
پِييَمِ جا پِرِيَنِ سين ، سا ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ،
آھِيان گهَڻو اَڄاڻِ، موٽُ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 19 ]
جِيئَن جِيئَن تَپي ڏِينھُن، تِيئَن تِيئَن تاڻي پَنڌَ ۾،
ڪو اَڳانجهو نِينھُن، ٻانِهيءَ ٻاروچَنِ سين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 21 ]
ڪو اَڳانجهو نِينھُن، ٻانِهيءَ ٻاروچَنِ سين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 21 ]
English Meaning
Maid, slave, servent girl