وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ جي سنڌي معنيٰ
”۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار توکي ايترو ڏيندو جو تون راضي ٿي ويندين.“
(قرآن مجيد جي سورہ الضحى، آيت نمبر 5)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"And surely your Lord will give you so much that you will be satisfied."
(Holy Quran, Soorah Al-Dhuha, Ayah No: 5)
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ جا بيتن ۾ حوالا
اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا،
سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ،
ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ جي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ،
اُڪَنڊِئا جي اَبُرَ کي، سي سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
موڪَلَ ٿِي مِينھَن کي، دوسِتَ ھَٿان دِلِدارَ،
قادِرَ پاڻِ قَسَمُ ڪِئو، خاڪِ قَدَمَنِ جي ڪَلتارَ،
آھِين ڪَرَمَ ڪَرِيمَ جا، اَحمَدَ ساڻُ اَپارَ،
آگي آسِمانَ جو، ڪارِئو سَيرُ سَتارَ،
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ، توسين قادِرَ ڪِئا قَرارَ.
[ سُر سارنگ، وايون، 5 ]

ڪافَئُون ڪَري ڪُرِنِشُون ٻَڌِي اُڀِيا ٻانھُون،
اُڀِي اَلَکَ سامُهُون، رَتو رُنائُون،
سَناسِيَنِ سَيِّدُ چئَي، مِلِيُون مُدَعائُون،
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ ، چِٽو چَيائُون،
لائِقُ لَڌائُون، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 22 ]
اُڀِي اَلَکَ سامُهُون، رَتو رُنائُون،
سَناسِيَنِ سَيِّدُ چئَي، مِلِيُون مُدَعائُون،
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ ، چِٽو چَيائُون،
لائِقُ لَڌائُون، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 22 ]
English Meaning
"And surely your Lord will give you so much that you will be satisfied."
(Holy Quran, Soorah Al-Dhuha, Ayah No: 5)
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ ٻول جا زمرا