واڍوڙِئا جي سنڌي معنيٰ
اي وڍيل!، اي ڦٽيل!، اي زخميل!، اي واڍوڙيل!
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
O wounded! o injured! o crippled
واڍوڙِئا جا بيتن ۾ حوالا
ڪُھَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندي سَڄَڻين،
سُورِيءَ چاڙِھِئو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِھاڙئو ڏِينِ،
ويٺا وِرھُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِئا وِھاءِ تُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 22 ]
سُورِيءَ چاڙِھِئو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِھاڙئو ڏِينِ،
ويٺا وِرھُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِئا وِھاءِ تُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 22 ]
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ،
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ،
وَٽان ويئِي جَنِ، وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 15 ]
وَٽان ويئِي جَنِ، وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 15 ]
وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا رَتُ نَہ ڏِٺو جَنِ،
مَوتُ قَبُولِئو تَنِ، ڏِٺو جَنِ ڏُکِيءَ کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 16 ]
مَوتُ قَبُولِئو تَنِ، ڏِٺو جَنِ ڏُکِيءَ کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 16 ]
English Meaning
O wounded! o injured! o crippled