وارِجِ جي سنڌي معنيٰ
واريس، گهمرو ڏج، ڦيريس، گهوريس، قرباني يا مڃتا جي آڇ ڪر، ساراھ ڪر، صدقو ٿي. (صفت: دستور، لائق)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Offering in sacrifice, devoting. Taking up the room or place of another. Turn, tour, time. A song in praise of any one.
وارِجِ جا بيتن ۾ حوالا
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وارِجِ مَ وائِي،
سِکِجِ تُون سا ئِي، جيڪا مُڪِي سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 17 ]
سِکِجِ تُون سا ئِي، جيڪا مُڪِي سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 17 ]
ڪيچان اوري ڪِٿَھِين، وَڻُ نَہ ويساھِين،
ڪَمِيڻِي ڪيچِيَنِ لاءِ، پُورِجِ پَراھِين،
تاڻِجِ تيڏاھِين، وارِجِ ڪا مَ وَرَڻَ جِي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 4 ]
ڪَمِيڻِي ڪيچِيَنِ لاءِ، پُورِجِ پَراھِين،
تاڻِجِ تيڏاھِين، وارِجِ ڪا مَ وَرَڻَ جِي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 4 ]
ڇَپَرَ جا سِينگارَ، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي،
ڏُونگَرَ تُھان ڌارَ، مُون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 5 ]
ڏُونگَرَ تُھان ڌارَ، مُون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 5 ]
جَنھِن جو ڌَڻِيانَ ڌارَ، ٻيلِي ناھِ ڀَنڀورَ ۾،
ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪانَہ ڪِي، ساٿَ لَڏِيندي سارَ،
عالَمَ جا سَردارَ، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 2 ]
ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪانَہ ڪِي، ساٿَ لَڏِيندي سارَ،
عالَمَ جا سَردارَ، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 2 ]
جَي وِلِهي ڪَرِيين وَلَها، تَہ اڱَڻِ تو آئِي،
ڪانڌَ ڪوٺِجِ ڪَڏِھِين، ٻَرِ ٻَرِ ٻاجهائِي،
وارِجِ ڪا وائِي، دِلاسي جِي داسَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 41 ]
ڪانڌَ ڪوٺِجِ ڪَڏِھِين، ٻَرِ ٻَرِ ٻاجهائِي،
وارِجِ ڪا وائِي، دِلاسي جِي داسَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 41 ]
ڇَپَرَ جا سُونھان، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي،
دَردَ جا دُونھان، مُون مارِيندا موٽُ تُون.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 6 ]