وارُ جي سنڌي معنيٰ
مٿي يا بدن جا وار، (بال) زلف، لوم، ڪيس .
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hair.
وارُ جا بيتن ۾ حوالا
مَري مَ ميھارُ، وَٿاڻُ وِلِهو مَ ٿِئي،
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ،
ساھَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکي ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 23 ]
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ،
ساھَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکي ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 23 ]
ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ پاڙيچِي سارَ،
آئُون جَا ويندِي مُلِ ميھارَ،
آڻي ڪِيرَ کوڙِئا، سانڀارَ سَنگهارَ،
گهَرِ گهَرِ گِلا جَا وَھي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
مَولا مُون کي ميڙيين، ڪُنڊِييَنِ جِيءَ قَطارَ،
مُون کي پِرِيَنِ ميڙيين، سَٻاجها سَتارَ،
ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا سانڀارا سَنڀارَ،
وِچُ مَ پوءِ وِصالَ کي، سَٻاجها سَتارَ،
تاڪُنِ تَڪِي آھِيان، سِگهو رَسُ سَھاڙَ،
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ.
[ سُر سھڻي، وايون، 13 ]

ڏُونگَرَ ۾ ڏَھڪارُ، موٽَڻُ مَيَنَ جو مَسَ ٿِئي،
وِندُرَ ۾ واڪو سُڻِي، ڀِري مانَ ڀَتارُ،
ھوتَ نَہ وِنگو وارُ، آئُون دُعا ڳِڻِ دوستَ جِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 19 ]
وِندُرَ ۾ واڪو سُڻِي، ڀِري مانَ ڀَتارُ،
ھوتَ نَہ وِنگو وارُ، آئُون دُعا ڳِڻِ دوستَ جِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 19 ]
سَرَ ۾ پَکِي ھيڪِڙو، پاريڙِنِ پَنجاھُ،
رَکي جَنِ اللهُ، وارُ نَہ وِنگو تَنِ جو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 12 ]
رَکي جَنِ اللهُ، وارُ نَہ وِنگو تَنِ جو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 12 ]
اَڱَڻِ آيا نَہ سَھان، ويٺي گهَرِ گُهرانِ،
مُنھَن مُقابِل سُپِرِين، پَسِئو ٿِي پَچانِ،
وارُ نَہ سَھانِ وِچَ ۾، اَڃا دَرمِيانِ،
ڳَرا مَنجِهہ ڳُڻانِ، پِرِين وِجهان پيٽَ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 22 ]
مُنھَن مُقابِل سُپِرِين، پَسِئو ٿِي پَچانِ،
وارُ نَہ سَھانِ وِچَ ۾، اَڃا دَرمِيانِ،
ڳَرا مَنجِهہ ڳُڻانِ، پِرِين وِجهان پيٽَ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 22 ]
English Meaning
Hair.