نَارٌ حَامِيَةٌ جي سنڌي معنيٰ
”ھڪ ساڙيندڙ باھ آھي.“
(قرآن مجيد جي سورہ القارعۃ جي آيت نمبر 11)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"It is a Fire, intensely hot."
(In Holy Quran, Soorah Al-Qāri‘ah, Ayah No: 11)
نَارٌ حَامِيَةٌ جا بيتن ۾ حوالا
تو دَرِ آيو راڄِيا، جاجِڪُ وَٺِي جِيءُ،
ڪَنا نَارٌ حَامِيَةٌ ، ھاڻِ بَچائِج ھِيءُ،
والِي ڏِيارِيين وِيءُ، جِتِ آھِ جَناتُ عَدنِ .
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 7 ]
ڪَنا نَارٌ حَامِيَةٌ ، ھاڻِ بَچائِج ھِيءُ،
والِي ڏِيارِيين وِيءُ، جِتِ آھِ جَناتُ عَدنِ .
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 7 ]
ڄاڻِي سُڃاڻِي، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري،
اَندَرِ آڳِ عِشقَ جِي، اَپَرِ اُڌاڻِي،
اَلْعِشْقُ نَارٌ يُحْرَقُ مَا سِوَا الْمَحْبُوْبِ ، کُوري ۾ کاڻِي،
آھي آرِياڻِي، ٻِئو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 18 ]
اَندَرِ آڳِ عِشقَ جِي، اَپَرِ اُڌاڻِي،
اَلْعِشْقُ نَارٌ يُحْرَقُ مَا سِوَا الْمَحْبُوْبِ ، کُوري ۾ کاڻِي،
آھي آرِياڻِي، ٻِئو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 18 ]
دالَئُون دُونھُون دَردَ جو، دِلِ ۾ دُکائِينِ،
آڻِئو آڳِ عِشقَ جِي، چَقمَقُ چُهٽائِينِ،
جِيءُ پَنھِنجو جوشَ ۾، پَل پَل پَچائِينِ،
اَلْعِشْقُ نَارٌ يُحْرَقُ مَا سِوَا الْمَحْبُوْبِ ، ماتَمُ مَچائِين،
خَطِرا سَڀَ کانئينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 8 ]