نازَ جي سنڌي معنيٰ
معشوقي ادائون، انداز، عِشوا، غمزا، نخرا، ڪرشما، تال، ناز نخرا، مٺيون ڳالهيون، چَخن، لاڏ، ڪوڏ، ماڻا، چاڳ، چالا، چاڳلائيون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Blandishments, coquetry, amorous, playfulness.
نازَ جا بيتن ۾ حوالا
مُلِهہ مَھانگو قَطرو، سِڪَڻُ شَھادَتَ،
اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 35 ]
اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 35 ]
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ،
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 1 ]
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 1 ]
نازَ مَنجهاران نِڪِرِي، پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ،
ڀُون پُڻ بِسۡمِ اللهِ چَيو، راھَ چُمي ٿِي رَندُ،
اُڀيَنِ گهَڻو اَدَبَ ۾، وَٺِئو حُورُون ھَنڌُ،
سائِينءَ جو سوڳَندُ، ساجَنُ سَڀَنِئان سُهِڻو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 11 ]
ڀُون پُڻ بِسۡمِ اللهِ چَيو، راھَ چُمي ٿِي رَندُ،
اُڀيَنِ گهَڻو اَدَبَ ۾، وَٺِئو حُورُون ھَنڌُ،
سائِينءَ جو سوڳَندُ، ساجَنُ سَڀَنِئان سُهِڻو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 11 ]
اَچِي ريلَ اُکَتِيُون، ڪالوڙا ڪَري،
پُرِ ڪِئائُون پِنڊِيُون، مَنجهان ڀَنَ ڀَري،
تَماچِيءَ جي تَڪِيي، ڏَنُ سَڀَڪا ڏي،
نُورِيءَ نازَ ڪَري، عالَمُ اِنعامِي ڪِئو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 17 ]
پُرِ ڪِئائُون پِنڊِيُون، مَنجهان ڀَنَ ڀَري،
تَماچِيءَ جي تَڪِيي، ڏَنُ سَڀَڪا ڏي،
نُورِيءَ نازَ ڪَري، عالَمُ اِنعامِي ڪِئو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 17 ]
ھِنَ پَٽَنِ تي پَدمَڻِيين، ٿي پَل پَل نازَ ڪِئا،
رَبُ اُنِ کي يادِ نَہ ھو، پَنھِنجي حِرصَ وِچان،
پَسو پَڊانِ جا، ڪَرَ نَہ ھُئا ڪَڏِھِين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 29 ]
رَبُ اُنِ کي يادِ نَہ ھو، پَنھِنجي حِرصَ وِچان،
پَسو پَڊانِ جا، ڪَرَ نَہ ھُئا ڪَڏِھِين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 29 ]
English Meaning
Blandishments, coquetry, amorous, playfulness.