مُنھان جي سنڌي معنيٰ
مُون کان، مُونکان، مُونھان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
By me, from me.
مُنھان جا بيتن ۾ حوالا
خُوبِي مَنجِهہ خِفَتَ، اِي دوسِتَ دِقتَ، آھي عَبدِالْلَطِيفَ کي،
مَدَحَ مُنھان نَہ ٿِئي، سَندَڙِي سُورَ صِفَتَ،
حُزُنُ ھوتَ پُنُوھَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
ھِجي ڪَرِيان ھيجَ سين، مُطالِعَ مَحَبتَ،
پِريان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرَحَتَ.
[ سُر معذوري، وايون، 1 ]
مَدَحَ مُنھان نَہ ٿِئي، سَندَڙِي سُورَ صِفَتَ،
حُزُنُ ھوتَ پُنُوھَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
ھِجي ڪَرِيان ھيجَ سين، مُطالِعَ مَحَبتَ،
پِريان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرَحَتَ.
[ سُر معذوري، وايون، 1 ]
لَڄايا مُنھان، ساجُهرِ ٿي سيڻَ وِئا،
پييَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 1 ]
پييَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 1 ]
مُنھان مَھِندِ ٿِئا، سُورَنِ ٻَڌو سَندِرو،
ڏورِ تَہ ڏورِيُون اُنِ کي، وِندُرِ جٖي وِئا،
سيڻَ مُنھِنجا سَرَتِيُون، قَضا ھي ڪِئا،
اَڙِيَسِ آرِياڻِيءَ سين، ڪوھُ ڄاڻان ڪِئان،
ڪَندِيَسِ ڪِينَ ٻِئا، ھوتَ مَٽائي اَڳِيان.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 35 ]