مَڱَڻَھارُ جي سنڌي معنيٰ
گهُر ڪندڙ، سدائين گهرندڙ ، سُوالي. ڳائيندڙ وڄائيندڙ. ڳائي وڄائي گذارو ڪندڙ ھڪ قبيلو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A kind of beggar who goes from door to door playing on a musical instrument.
مَڱَڻَھارُ جا بيتن ۾ حوالا
جو وِچان ويرِيَنِ آيو، سو مَڱَڻَھارُ مَ موٽاءِ،
جا جِيءَ اَندَرِ مُون ڳالِهڙِي، سا پاندِ پَلَئِي مُون پاءِ،
جو گهُران سو گهوري ڏي، مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ،
اَٿَمِ آسَ اِھا، تَہ وَڃِي ڏيکارِيان ڏيھَ ۾.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 13 ]
جا جِيءَ اَندَرِ مُون ڳالِهڙِي، سا پاندِ پَلَئِي مُون پاءِ،
جو گهُران سو گهوري ڏي، مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ،
اَٿَمِ آسَ اِھا، تَہ وَڃِي ڏيکارِيان ڏيھَ ۾.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 13 ]
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ موچارِيءَ ماھَ،
جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ،
سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين لاءِ،
سو مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جَو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 5 ]
جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ،
سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين لاءِ،
سو مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جَو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 5 ]
چارَڻَ چَنۡگُ ٻَنگُ لَھِي، وَڄايو وَڏاڻُ،
سِرَ جو ھَڏِ آسانُ، پَرَ مَڱَڻَھارُ مَٿي وَھي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 24 ]
سِرَ جو ھَڏِ آسانُ، پَرَ مَڱَڻَھارُ مَٿي وَھي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 24 ]
ڏِسَنديئِي ڏياچَ کي، مَرَڪِئو مَڱَڻَھارُ،
اَڄُ مُنھِنجو اَگِهئو، وِڄا جو واپارُ،
ڪاٽِبو ڪَپارُ، مَٿو مُندائِتو ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 2 ]
اَڄُ مُنھِنجو اَگِهئو، وِڄا جو واپارُ،
ڪاٽِبو ڪَپارُ، مَٿو مُندائِتو ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 2 ]
جَو تَرَڪُ طَمَعَ کي ڪَري، سو ڪِي مُون سُڻاءِ،
جيڪِي چَئِين جِيءَ مان، سوڳورَ مَنجهان ڳالَهاءِ،
مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 12 ]