مَپُ جي سنڌي معنيٰ
سبب، ڪارڻ. جاءِ . طاقت. ماپ. اَنت. وجھ، پيچ، داءُ، ٻکُ، ٽِڻُ، موقعو، سَٺو، سانگو، ڏتُ. فرصت جو وقت، تجويز، اٽڪل، رستو، چارو، ميلو، طريقو، ڍنگ، نمونو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cause, reason, strength measure, patch, leisure, suggestion, about, way, method, tone, pattern.
مَپُ جا بيتن ۾ حوالا
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ،
نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ،
دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،
وَڏا ٻيڙا ٻارَ ۾، ھَلِئا ھيٺِ وَڃَنِ،
پُرِزو پَيدا نَہ ٿِئي، ڪو تَختو مَنجهان تَنِ،
ڪو جَو قَھَرُ ڪُنَ ۾، وِئا سي نَہ وَرَنِ،
اُتي اَتارُنِ، اَچِي ساھَڙَ سِيرَ لنگِهائِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 15 ]

جِتي ڀيرَ ڀِرَنِ، ڀَرِيُون پَوَنِ ڀَواريُون،
تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، مَپُ نَہ ماٽِيَڙَنِ،
ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتِرا، سِيڻاھِيا سَنڪَنِ،
تُون ڪِيئَن تَنِ تَڙَنِ، اَچِئو اَسارِي گهِڙين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 7 ]
تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، مَپُ نَہ ماٽِيَڙَنِ،
ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتِرا، سِيڻاھِيا سَنڪَنِ،
تُون ڪِيئَن تَنِ تَڙَنِ، اَچِئو اَسارِي گهِڙين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 7 ]
اُنَڙَ ۾ آسَ گهَڻِي، تِھان وَڏيرو ڊَپُ،
مَڱڻَھارَنِ مَپُ، جَو نَہ موٽائي مَڱڻا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 17 ]
مَڱڻَھارَنِ مَپُ، جَو نَہ موٽائي مَڱڻا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 17 ]
کَڙَھَ اَڳِئان کَپُ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جي،
لاھِ مَ لَنگها لِکَ سِينءَ، مَٿان چانئُٺِ چِتُ،
مَڱڻَھارَنِ مَپُ، ڪِيرَتِ ريءَ ڪو نَہ ٻِئو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 18 ]