مَوالِي جي سنڌي معنيٰ
دوست. نوڪر، غلام، چاڪر. مستيءَ وارو، مست. نشو واپرائيندڙ، نشئي. علتي فقير.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Friend, slave, servant, vagabond, ruffian.
مَوالِي جا بيتن ۾ حوالا
ھُو جٖي ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي، تَنِ لَھي نَہ لالِي،
کَري کيپَ خُمارِئا، مَئي پِي مَوالِي،
ڪَري حاصِلُ ھَلِئا، ڪيفِيَتَ ڪَمالِي،
وَتَنِ وِصالِي، لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 4 ]
کَري کيپَ خُمارِئا، مَئي پِي مَوالِي،
ڪَري حاصِلُ ھَلِئا، ڪيفِيَتَ ڪَمالِي،
وَتَنِ وِصالِي، لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 4 ]
سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مَٿي راھَ،
پُرَنِ پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهہ مَوالِي ماھَ،
جَنِ الَکَ سين آگاھَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 3 ]
پُرَنِ پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهہ مَوالِي ماھَ،
جَنِ الَکَ سين آگاھَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 3 ]
English Meaning
Friend, slave, servant, vagabond, ruffian.