مَرَڻُ جي سنڌي معنيٰ
وفات ڪرڻ، ديھانت ڪرڻ، ڊھڻ، رضا ڪرڻ، ھلاڪ ٿيڻ، لاڌاڻو ڪرڻ، مري وڃڻ، فور ٿيڻ، پران تياڳڻ، جان ڏيڻ، ساھ ڇڏڻ، دم نڪرڻ، دم ڏيڻ، گذاري وڃڻ، انتقال ڪرڻ، پساھ ڇڏڻ، بيحد چاھڻ، عشق ڪرڻ، شوق رکڻ، جان جوکي ۾ وجهڻ، پاھ ٿيڻ
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
To die, pass away, expire
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
مَرَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
اَنڌا اُنڌا ويڄَ، کَلَ ڪُڄاڙِئا کانئِيين،
اَسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تُون پِياريين پيڄَ،
سُورِي جَنِي سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 2 ]
اَسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تُون پِياريين پيڄَ،
سُورِي جَنِي سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 2 ]
پاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ جو،
نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 16 ]
نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 16 ]
ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، سينڌِي ٿِي مِرُنِ،
جيڪِي چَيُس جيڏيين، سو نَہ ڪِئائِين ڪَنِ،
مَعذُورِ مَرَڻُ مَنِ، ڪيچِنِ لاءِ قَبُولِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 25 ]
جيڪِي چَيُس جيڏيين، سو نَہ ڪِئائِين ڪَنِ،
مَعذُورِ مَرَڻُ مَنِ، ڪيچِنِ لاءِ قَبُولِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 25 ]
تو سامائي سَسُئِي، مَرَڻُ ڪِئو مُردارُ،
ڪُپَرِ سين ڪوھِيارُ، لُوٺِي تو لَڄايو.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 7 ]
ڪُپَرِ سين ڪوھِيارُ، لُوٺِي تو لَڄايو.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 7 ]
چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، جِتِ سيڙِھِيُون شِينھَن سُڄَنِ،
اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، ڪي ھيڪَلِيُون ھَلَنِ،
سِڪَ رَساڻي تَنِ، مَرَڻُ جَنِ موجُودُ ٿِئو.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 8 ]
اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، ڪي ھيڪَلِيُون ھَلَنِ،
سِڪَ رَساڻي تَنِ، مَرَڻُ جَنِ موجُودُ ٿِئو.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 8 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، روھَ جَبَلَ روڏا،
وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا،
آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏا،
ڪوھِيارِي ڪوڏا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 5 ]
وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا،
آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏا،
ڪوھِيارِي ڪوڏا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 5 ]
ھئَي ھئَي حادِثو، ھوتَ ھَلَندي جو ڪِئو،
ايڏو ڪَرٽُ قُلُوبَ ۾، ڪَڏِھِين ڪو نَہ پِئو،
مَرَڻُ ماڳِ ٿِئو، نِڌَڪَ ساھُ نَہ نِڪِري.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 28 ]
ايڏو ڪَرٽُ قُلُوبَ ۾، ڪَڏِھِين ڪو نَہ پِئو،
مَرَڻُ ماڳِ ٿِئو، نِڌَڪَ ساھُ نَہ نِڪِري.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 28 ]
مَرَڻُ مُسَلِم جَنِ، واحِدُ تَنِ نَہ وِسَرِي،
مَٿي سَڳَرَ ڪاپَڙِي، نانگا نِنڊَ نَہ ڪَنِ،
نيڻَ سَندا ئِي تَنِ، اوجاڳي اُجارِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 4 ]
مَٿي سَڳَرَ ڪاپَڙِي، نانگا نِنڊَ نَہ ڪَنِ،
نيڻَ سَندا ئِي تَنِ، اوجاڳي اُجارِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 4 ]
English Meaning
To die, pass away, expire