مَحرُومَ جي سنڌي معنيٰ
منع ڪيل، روڪيل، جهليل. حرام ڪيل. نراس، نااُميد، مايوس، خستا، شڪستا، ناڪام، نامراد، بي نصيب، بدبخت، اَڀاڳا، ڪمبخت، چنڊا، ندورا، ڪَرم هِيڻ، اَدورا، ڪمنصيب.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Forbidden, prohibited, debarred, excluded (from hope, or favour), frustrated, disappointed, repulsed, deprived of the support of life, deprived (of), plundered (of), unlucky, unfortunate, wretched, unable to earn anything, denied, or refused (a gift, or good, or prosperity).
مَحرُومَ جا بيتن ۾ حوالا
مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا، ماھِرَ ٿِي نَہ مُئا،
چِڻِيءَ جِيئَن چُھِنجَ ھَڻِي، لَڏِئائُون لُئا،
حُبابَ ئِي ھُئا، اِنَهِينءَ وادِيءَ وِچَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 4 ]
چِڻِيءَ جِيئَن چُھِنجَ ھَڻِي، لَڏِئائُون لُئا،
حُبابَ ئِي ھُئا، اِنَهِينءَ وادِيءَ وِچَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 4 ]
مُھاڻا مَحرُومَ، ٿِئا تَماچِي ڄامَ سين،
نَنڍي وَڏي گَندَري، مَٿي ماڙِيءَ ڌُومَ،
ڪِينجُهرَ جَي رُومَ، تَہ مِريئِي اِنعامِي ٿِئا.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 23 ]
نَنڍي وَڏي گَندَري، مَٿي ماڙِيءَ ڌُومَ،
ڪِينجُهرَ جَي رُومَ، تَہ مِريئِي اِنعامِي ٿِئا.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 23 ]
ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو ڪِيئَن؟
جانِبَ مَنجهان جِيئَن، مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 3 ]