مَتِيُون جي سنڌي معنيٰ
عقل، سمجهہ، ڏاھپ جون ڳالهيون، ساڃاھ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Opinions, understanding, votes, religions, faiths, sects, systems.
مَتِيُون جا بيتن ۾ حوالا
پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي جٖي جَهلِينديُون سي نَہ پُڄَندِيُون،
ڀَلِي ڪَري آيو، ٺاٺارو ڏيھان،
ڀَڳي ڪُٽِ سَڄِي ٿِئي، لَٿِي جاکَ ڳَرا،
سَرَتِيُنِ سُورَ پِرايا، ھاڻي ھِنَ ھَنڌان،
مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، تُون ھَڏِ آڇِ مَ ماءُ،
تان ڪِي ڏُونگَرَ ڏورِيان، جان ڪُڙِه اَندَرِ ساھُ،
تان ڪِي واسُ وِھائِيان، ٻاروچي مُلا.
[ سُر سامونڊي، وايون، 1 ]

ڪِيئَن اَڙايُئِي پاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيھِيَنِ سين،
مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ،
رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 8 ]
مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ،
رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 8 ]
پُورَڀَ مارِياسِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانھَڙِي،
مَتِيُون ڏِيندي لوڪَ کي، چَرِي پاڻَ ٿِياسِ،
جَنِي نَہ جيھِياس، مان لَنئُن لَڳِي تَنِ سين.
[ سُر پورب، جوڳي، 1 ]
مَتِيُون ڏِيندي لوڪَ کي، چَرِي پاڻَ ٿِياسِ،
جَنِي نَہ جيھِياس، مان لَنئُن لَڳِي تَنِ سين.
[ سُر پورب، جوڳي، 1 ]
English Meaning
Opinions, understanding, votes, religions, faiths, sects, systems.