لالائِيءَ جي سنڌي معنيٰ
ڳاڙهاڻ، لالاڻ. سرخروئي، خوش. لالي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Redness.
لالائِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ ڪارَڻِ لَنڊِيُون،
لالائِيءَ جِي لَطِيفُ چئَي، ڪا نَہ رَھِيَنِ ڪَسُ،
ھِتِ بِہ رَھِيُنِ رَسُ، ھُتِ بِہ گَڏِيُون ھوتَ کي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 20 ]

سُرمو لالائِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو جَنِ،
تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، رَونَقَ، ريٽي جِھَڙِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 36 ]

جِھَڙِي آيَسِ جِيئَن، تِھَڙِي وَڃان تَنِ ڏي،
لالائِيءَ جَا لَطِيفُ چئَي، مُندين اُٺا مِينھَن،
ٿِيَسِ ڪاڻِيارِي ڪانڌَ جِي، ھِتي اَچِي ھِيئَن،
ماڙِيءَ لَڳُمِ ميھَڻو، سَڀَ ڄَماندَرَ سِيئَن،
ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪِيئَن، مَنَھِن مارُوئَڙَنِ جي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 1 ]