عَقُلُ جي سنڌي معنيٰ
ٻُڌِ، ڄاڻپ، سمجهہ، پرجهہ، پروڙ، فَھم، خِرد، شعُورُ، ادراڪ، درڪ. فراست، وقوف، ڏاهپ، چترائي، دانائي، هوشياري، زيرڪي. ذهن، دماغ، هوش.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wisdom, understanding, sense, genius, intellect, reason.
عَقُلُ جا بيتن ۾ حوالا
سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، بي عَقلَنِ عَقُلُ،
آھي اُنگَ اَمُلُ، ماٺِ تُنھِنجِي مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 10 ]

جامِعُ سَڀَ جَھانُ، مُنھُن مِحرابُ پِرِينءَ جو،
ڦَرَھِيءَ تان فُرقانَ جي، ڪاٽِئائُون قُرآنُ،
اُڏامِي اُتِ وِئو، عَقُلُ عِرفانُ،
سَڀوئِي سُبحانُ، ڪيڏانھَن ڪَري نِيَتِيان.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 5 ]

جِيمَئُون جوڳِيَڙَنِ جِي، جانِ نِھارِيَمِ جُوءِ،
عَقُلُ اُتِ اوڄُون ٿِئو، ھُو ھَلِئا مَٿي ھُوءِ،
مُون کي اِنَ مَذڪُورَ جِي، بانسَ نَہ پيئِي بُوءِ،
الحُبُّ في اللَّهِ والبغضُ في اللَّهِ ، خاصِي سَندِيَنِ خُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 5 ]

تَڙِ تَڪَڙِ تارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، ڏي ڏوراپو ڏَمُ،
عَقُلُ مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينھَن نِھوڙِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 1 ]