طَعامَ جي سنڌي معنيٰ
کائڻ جون شيون، کاڌو، غذا، خوراڪ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Food, victuals.
طَعامَ جا بيتن ۾ حوالا
مُئا مَنجِهہ مُقامَ، سِڪَنِ ٿا سَلامَ کي،
اَنگِ نَہ اوڍِين ڪَپِڙو، طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ،
اللهَ آڻِ قِيامَ، تَہ ڏِسُون مُنھُن مَحبُوبَ جو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 21 ]

قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ طاماعُو،
سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جِتِ پَھَرَ نَہ پينائُو،
اَوَسَرَ آسائُو، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 1 ]

قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ طَمعدارَ،
سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جوڳِي ٿِينِ نَہ يارَ،
اَوَسَرَ جِيءَ آڌارَ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 2 ]

بُکَ وِڌائُون بَگرِيين، جوڳِي ڪَندا جُڃَ،
طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِئو پِيَنِ اُڃَ،
لاھُوتِيَنِ لَطِيفُ چئَي، مَنُ ماري ڪِئو مُڃَ،
سامِي جهاڳِي سُڃَ، وَسِينءَ کي ويجها ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 1 ]

مُون مَ کَسيجاهُ لوئِي، مِيان عُمَرَ، مُون مَ کَسيجاهُ،
آئُون جَا نِماڻِي لَڪَنِ لوڏِي.
ساڻُ پُلاهَ نَہ پاڙِيان، سَندي ڏورَنِ ڏوئِي،
ڪانڌُ نَہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو، مُون وَرُ مارُو سوئِي،
کُوءِ سي طَعامَ پَتَنِ جا، وَرُ سا ڏونرِن ڏوئي،
جهانگِي جٖي جَهنگَنِ جا، سيڻَ ڪَمِيڻِيءَ سيئِي.
[ سُر مارئي، وايون، 27 ]