شانُ جي سنڌي معنيٰ
عزت، مانُ، مَرتبو، عظمت، وڏائِي، بزرگِي، اقبال. جلال، فلڪ، رونق، سوڀيا، جَهلڪو. ڀڀڪو، تجمل، ٺَٺُ، دَٻدٻو، ٺاٺ، شوڪت، حَشمت. حق، نِسبت. فخر. حُرمت، شرف. درجو، حالتِ، توقِير. قدرت، طاقت.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Pomp, show, grandeur, good name, respect, dignity, magnificence, splendor.
شانُ جا بيتن ۾ حوالا
رانجها وو مَين تَيڏَڙِي آھِيان،
ماھِي وو مَين تَيڏَڙِي آھِيان.
اَو اي آندِي ٻانِهي وو مَين، تيڏَي واسِطي رَھِيان،
ري وو مَين پَئِي وو مَينُون نالِ وِسارِ نَھِين،
چيٽَڪُ لايا وو مَينُون، ڪُوڪَ ڪَنھِن سُڻِوايا تَينُون،
شَرَمُ شانُ سوئي تَينُون نامي واسِطي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 12 ]

سُلطانِي سُلطانُ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپارَ ۾،
ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ،
ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ،
مُنھَن ڪاري مَروانُ، لَعنَتَ لِکِي لَعِينَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 3 ]
ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ،
ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ،
مُنھَن ڪاري مَروانُ، لَعنَتَ لِکِي لَعِينَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 3 ]
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، سُڻِي آيُسِ شانُ،
مَڱان ڪِھَڙِيءَ مَتِ سين، آئُون نِسورو نادانُ،
سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 6 ]
مَڱان ڪِھَڙِيءَ مَتِ سين، آئُون نِسورو نادانُ،
سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 6 ]
جَکِري جِھو جُوانُ، ڏِسان ڪونَہ ڏِسَنِ ۾،
مُھڙُ مِڙَنِي مُرسَلين، سَرسُ سَندُسِ شانُ،
خَبَرَ ڪاڻِ خَلِيلَ جي، قادِرَ مُڪو قُرآنُ،
فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، اِيءُ مُيسِرُ ٿِئُسِ مَڪانُ،
اِيءُ آگي جو اِحسانُ، جَنھِن ھادِي ميڙِئم ھِھَڙو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 9 ]