سُمهو جي سنڌي معنيٰ
نِنڊَ ڪريو، آرام وَٺو، ڊگها ٿي پئو، بِستِري تي سنئُون ٿي پَئو، بي فِڪر رَھو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Have sleep. Lay down, be sedate.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
سُمهو جا بيتن ۾ حوالا
بَندَرِ جانۡ ڀَئِي، سُکاڻِئا مَ سُمهو،
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، ماٽي مَنجِهہ مَھِي،
ايڏو سُورُ سَھِي، نِنڊَ نَہ ڪِجي ناکُئا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 4 ]
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، ماٽي مَنجِهہ مَھِي،
ايڏو سُورُ سَھِي، نِنڊَ نَہ ڪِجي ناکُئا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 4 ]
سُتا سَڀَ پَئِي، سَندي مُعلِمَ آسِري،
اَئِين پُڻ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناھِ ڀَئِي،
جَنِ جِي سَيِّدَ لَڄَ کَنئِي، سي سَڀَ لَنگهِيندا لَڪِيُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 5 ]
اَئِين پُڻ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناھِ ڀَئِي،
جَنِ جِي سَيِّدَ لَڄَ کَنئِي، سي سَڀَ لَنگهِيندا لَڪِيُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 5 ]
صُورَتَ ساھَڙَ جِي، اَئِين جَي ڏِسو سَڀَيئِي،
سُمهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، وَرَ پاسو ڏيئِي،
مُونھان اَڳي ئِي گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 5 ]
سُمهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، وَرَ پاسو ڏيئِي،
مُونھان اَڳي ئِي گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 5 ]
جيڏِيُون جِمَ سُمهو، نِنڊَ ويرِياڻِي ھوءِ،
مَتان مُنجِهي رَھو، واڪا ڪَري ويڙِه ۾.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 16 ]
مَتان مُنجِهي رَھو، واڪا ڪَري ويڙِه ۾.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 16 ]
جاڳو جاڙيجا، سَما سُکِ مَ سُمهو،
پَسو آن پارِئا، لاکو ٿو لوڙِيُون ڪَري.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 7 ]
پَسو آن پارِئا، لاکو ٿو لوڙِيُون ڪَري.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 7 ]
نَہ لاکو نَہ لوڙِ، نَہ آھي اوسِيڙو،
سُمهو سَنگهارِيُون سُکِ ٿِي، سِري ڏيئِي سَوَڙِ،
ڪاڇي مَٿي ڪوڙِ، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 15 ]
سُمهو سَنگهارِيُون سُکِ ٿِي، سِري ڏيئِي سَوَڙِ،
ڪاڇي مَٿي ڪوڙِ، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 15 ]
English Meaning
Have sleep. Lay down, be sedate.