سُرُ جي سنڌي معنيٰ
آواز جو ترنم، سُريلو آواز. علم موسيقيءَ مطابق آواز جي هيٺاهين ۽ مٿاهين مٽا سٽا. ترتيب سان نڪتل آواز، جيڪو دل کي راحت ڏي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tone, melody, accent, note, song, tune. Hint, obscure, intimation.
سُرُ جا بيتن ۾ حوالا
سِسِيءَ ۾ سُرُ راڳُ، واءَ لَڳَندي وَڄِيو،
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، وِلاتِي واڄو،
ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، لايائِين لاڄو،
ڪَري سُرُ ساڄو، وِڌَئِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 6 ]
ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، لايائِين لاڄو،
ڪَري سُرُ ساڄو، وِڌَئِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 6 ]
ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، پاسي ڀَرِ پِئو،
سُڻائي سُتَنِ کي، وِھاڻِيءَ وِئو،
ڄاڻي ڪِينَ ٻِئو، سُرُ سِکِئوئِي ھيڪِڙو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 13 ]
سُڻائي سُتَنِ کي، وِھاڻِيءَ وِئو،
ڄاڻي ڪِينَ ٻِئو، سُرُ سِکِئوئِي ھيڪِڙو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 13 ]
English Meaning
Tone, melody, accent, note, song, tune. Hint, obscure, intimation.