سَٽَ جي سنڌي معنيٰ
زور، دٻاءُ، داٻو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pressure, force, push, stroke.
سَٽَ جا بيتن ۾ حوالا
جُهونُو ٿِئو جَھازُ، سَٽَ نَہ سَھي سِڙَه جِي،
پَڳهَہ پُراڻا ٿَئا، سَڙِيو سَڀوئِي سازُ،
مُعلَمُ ٿِئو مُحتاج، ٻيڙو وَسِ ٻِيَنِ جي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 10 ]
پَڳهَہ پُراڻا ٿَئا، سَڙِيو سَڀوئِي سازُ،
مُعلَمُ ٿِئو مُحتاج، ٻيڙو وَسِ ٻِيَنِ جي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 10 ]
جهولَ نَہ جَهلِي سُهڻِي، سائِرُ سَٽَ سَندِياسِ،
جَنھِن اِھَڙِي ڄائِي عاجِزَ، سا مَرُ مَرَڪي ماسِ،
پَسِين جَي پِياسِ، تَہ ڪِي عِشقُ آڻِيين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 16 ]
جَنھِن اِھَڙِي ڄائِي عاجِزَ، سا مَرُ مَرَڪي ماسِ،
پَسِين جَي پِياسِ، تَہ ڪِي عِشقُ آڻِيين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 16 ]
رَتُ سِرڪِي نِڱِئو،ڏيئِي سورَٺِ مَهِندان سَٽَ،
ڌَڙُ ڌُٻِي پِئو پَٽ تي، مَٿو مَٿان کَٽَ،
آيو سو اُلَٽَ، راڻِيُون جَنھِن رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 15 ]
ڌَڙُ ڌُٻِي پِئو پَٽ تي، مَٿو مَٿان کَٽَ،
آيو سو اُلَٽَ، راڻِيُون جَنھِن رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 15 ]
تانُ نَہ آھي تَندُ جو، رُون رُون ڪَري رازُ،
ھَڻندَلَ سَندا ھَٿَڙا، سَڀَڪو چئَي سازُ،
سَٽَ ڏيئِي شَھبازُ، ٿِيءُ تَہ ٿوڪُ پِرائِيين.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 1 ]
ھَڻندَلَ سَندا ھَٿَڙا، سَڀَڪو چئَي سازُ،
سَٽَ ڏيئِي شَھبازُ، ٿِيءُ تَہ ٿوڪُ پِرائِيين.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 1 ]
سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي، اَندَرِ رَھِي نَہ گَهٽَ،
جُھ مَھِراڻَ مَوجَ ڪِي، تَہ ڇاڳُرَ سَھي نَہ سَٽَ.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 20 ]
جُھ مَھِراڻَ مَوجَ ڪِي، تَہ ڇاڳُرَ سَھي نَہ سَٽَ.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 20 ]
چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، گهارِينِ مَٿي گَهٽَ،
کِھَ مانڌانُون مَکِڻِي، ڍوئِينِ پاسي ڍَٽَ،
پَنوَهارَ ڪي پَکَڙين، وَڃِي ڪَرِيان وَٽَ،
ساڻيھَ سامُهِين سَٽَ، ڪَندِيَسِ ڀَڃِي ڪَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 4 ]