سَمَرَ جي سنڌي معنيٰ
ٽَپَڙُ ٽاڙِي، مُسافِرِي جو سامانُ، توشو، وجُودات، ذَخِيرو. اَسبابُ، رَسَدُ. سامانُ مھيا ڪرڻ جيترو خرچُ، راھَ خرچُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Provisions for a journey or money for providing them. Means, provisions. Utensils, expenses.
سَمَرَ جا بيتن ۾ حوالا
لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگمِئو آھي،
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 1 ]
سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ اُتَرَ،
ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ،
سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ،
کَڻِيو سُورَ سَمَرَ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 15 ]
ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ،
سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ،
کَڻِيو سُورَ سَمَرَ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 15 ]
ٿِئَڙَم سُورَ سَمَرَ، اي دِلبَرَ،
موٽُ سَٻاجها سُپِرِين،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِياڻِي اَنوَرَ،
آھي عَبدالَطِيفُ کي، پِيراڻِي پاکَرَ.
[ سُر معذوري، وايون، 12 ]
موٽُ سَٻاجها سُپِرِين،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِياڻِي اَنوَرَ،
آھي عَبدالَطِيفُ کي، پِيراڻِي پاکَرَ.
[ سُر معذوري، وايون، 12 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، آھِيان اَسُونھِين،
پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين،
سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين،
ھارِي ڪِيئَن ھُونھِين، ريءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَري.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 2 ]
پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين،
سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين،
ھارِي ڪِيئَن ھُونھِين، ريءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَري.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 2 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جَبَلَ جامو جامَ ،
سَمَرَ بِنان سَرَتِيُون، ڪَھَ ۾ گِهڙِي ڪا مَ،
بِنان مُحَّمَدُ ڄامَ، ڪونِهي وَسِيلو وِچَ تي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 3 ]