سَما جي سنڌي معنيٰ
سنڌ جي ھڪ مکيہ ذات يا قبيلو. ھڪ سخي بادشاھ لاءِ پڻ ڪتب آيو آھي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a famous tribe of Sindh. A famous & generous king.
سَما جا بيتن ۾ حوالا
سَما تو سِرِ ڇَٽُ، نَہ تَہ پاڳارا پُرسَ ٻِئا،
ڳَھڙَ تُنھِنجي ڳَنڃَڙي، اَچي جالَ جَڳَٽُ،
جَنِ جيھوئِي پَٽُ، تَنِ تيھائِي بِکِئا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 14 ]
ڳَھڙَ تُنھِنجي ڳَنڃَڙي، اَچي جالَ جَڳَٽُ،
جَنِ جيھوئِي پَٽُ، تَنِ تيھائِي بِکِئا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 14 ]
جاڳو جاڙيجا، سَما سُکِ مَ سُمهو،
پَسو آن پارِئا، لاکو ٿو لوڙِيُون ڪَري.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 7 ]
پَسو آن پارِئا، لاکو ٿو لوڙِيُون ڪَري.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 7 ]
گُندِيءَ نِينھُن نَہ سَپَجي، تُهہ نَہ پَچي ماھُ،
اِنَ ڪَچِيءَ پَرِ ڪِئان، ٿِئي سَما جوڳُ سين سَڄَڻين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 20 ]
اِنَ ڪَچِيءَ پَرِ ڪِئان، ٿِئي سَما جوڳُ سين سَڄَڻين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 20 ]
تو دَرِ آيَسِ سامَ، ڄامَ سَما سامَ تُنھِنجي،
نَہ سَمِي نَہ سُومَري، آھِيان گَندَرِي غُلامَ،
آھي مُنھِنجي مُنھَن ۾، مَڇِيءَ بُوءِ مَدامَ،
مِڙِئو گَندَرِيُون پاڻَ ۾، سَمي ڪَنِ سَلامَ،
سَمي بِنان سَرَتِيُون، ڪِينجُهرَ ڀانيان قِيامَ،
اللهَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون تان لاھِ مَلامَ.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 2 ]
نَہ سَمِي نَہ سُومَري، آھِيان گَندَرِي غُلامَ،
آھي مُنھِنجي مُنھَن ۾، مَڇِيءَ بُوءِ مَدامَ،
مِڙِئو گَندَرِيُون پاڻَ ۾، سَمي ڪَنِ سَلامَ،
سَمي بِنان سَرَتِيُون، ڪِينجُهرَ ڀانيان قِيامَ،
اللهَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون تان لاھِ مَلامَ.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 2 ]
English Meaning
Name of a famous tribe of Sindh. A famous & generous king.
سَما ٻول جا زمرا