سَجِدَہ گاھَ جي سنڌي معنيٰ
سجدي ڪرڻ جي جاءِ، مٿي ٽيڪڻ جو هنڌ. مسجد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Place where Sajdah (inclination to Allah) perform. Mosque.
سَجِدَہ گاھَ جا بيتن ۾ حوالا
مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ،
سَجِدَہ گاھَ سامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ،
فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، ٿا نانگا اِيئَن نَوَنِ،
اللَّهُ وَلِيُّ الَّذِينَ آمَنُوا يُخْرِجُهُم مِّنَ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ ، اِھَڙِيءَ پُرِ پُرَنِ،
وَخَرَّ مُوسَىٰ صَعِقًا جوڳِي جُنگَ جَلَنِ،
ڪُلُّ مَنْ عَلَيْـهَا فَانٍ ، باقِي ڪِينَ پَچَنِ،
مَا زَاغَ الۡبَصَرُ وَمَا طَغٰى ، اِھَڙِي رَوِشَ رَوَنِ،
مُشاھِدو مَحبُوبَ جو، اُتي آديسِيَنِ،
بِى يَسْمَعُ وَ بِى يُبْصِرُ ، بِي وِصالِ وِھَنِ،
بي يَمشِي وَ بي يَنطِقُ ، ٿا ايھِيءَ چالِ چَلَنِ،
سَيِّدُ چئَي سَندِيَنِ، تُون ڪَلَ پُڇِين ٿو ڪِھَڙِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 1 ]

لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگَمَ ڪِئا اللهَ،
وَڏائِي واحِدَ ڪِئا، مَٿي گَسَنِ گاھَ،
پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جَهلِئا پاھَ،
سانگِيَنِ وَرِئا ساھَ، اُٺُنِ آبُ اَگوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 2 ]

مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، ديرا ڏِنائُون،
ڪاٺِيءَ پاڻِيءَ، گاھَ کي، ماڻُهو مُڪائُون،
چَڙَھَندي چَيائُون، ٿِيندِي ويڙِه وَڏاندَرِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 6 ]

ماڙِيءَ مِينھَن نَہ پُونِ، ساوا گاھَ نَہ سُومَرا،
ساهيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون، مَرُ هيڪاندِيُون هُوَن،
جيڏِيُنِ ڌاران جُونِ، عُمَرَ کاڌِي آھِيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 7 ]