ساوَڻَ جي سنڌي معنيٰ
مينھوڳيءَ جي مُندَ، مينھن جي موسم. مون سون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Monsoon, season of rainfall.
ساوَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
ساوَڻَ گهِڙي سَڀَڪا، ھِيءَ سَرَھِي سِياري،
تَنُ وڌائيِن تارِ ۾، اَرواحَ جي آري،
مُحبَتِي ماري، ڪونِهي دادُ دَرياھَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 20 ]
تَنُ وڌائيِن تارِ ۾، اَرواحَ جي آري،
مُحبَتِي ماري، ڪونِهي دادُ دَرياھَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 20 ]
واھُڙَ ڀَرِيُون مَ پاءِ، تو پُڻ ليکو ڏِيَڻو،
سَدا ساوَڻَ ڏِينھَڙا، ھِيئَن نَہ ھُونداءِ،
وِھاڻِيءَ وِينداءِ، اوڀَرَ اُتاھان لَھِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 27 ]
سَدا ساوَڻَ ڏِينھَڙا، ھِيئَن نَہ ھُونداءِ،
وِھاڻِيءَ وِينداءِ، اوڀَرَ اُتاھان لَھِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 27 ]
سُڪي ھُئَڙا گَڏُ، ٻانڊَ مِڙيئِي ٻيٽَ ۾،
جَڏھِن ساوَڻَ ٿِيُنِ سَڏُ، لُڙِھِيُ لَهِوارا ٿِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 32 ]
جَڏھِن ساوَڻَ ٿِيُنِ سَڏُ، لُڙِھِيُ لَهِوارا ٿِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 32 ]
ڌَڌِڪا دَورَ دَرياھَ ۾، جَڏھِن ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪِياءِ،
ساوَڻَ ۾ سَيِّدُ چئَي، وَڏا مُلِڪَ مَڻِياءِ،
ھاڻي ھيٺاھِينءَ وَھين، جَمِيعَتَ ڪَريو جاءِ،
ھُو بِہ ڏِينھَن ڏِٺاءِ، ھِي بہ سائِرَ سَنبِرين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 34 ]
ساوَڻَ ۾ سَيِّدُ چئَي، وَڏا مُلِڪَ مَڻِياءِ،
ھاڻي ھيٺاھِينءَ وَھين، جَمِيعَتَ ڪَريو جاءِ،
ھُو بِہ ڏِينھَن ڏِٺاءِ، ھِي بہ سائِرَ سَنبِرين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 34 ]
ساوَڻَ لَهرِيُون ريجَ، وَڻَ ٽِڻَ وارِيءَ وارَ،
مُون سين ڀَلي ڀالَ ڪِئا، اُنِهِئائِين اَپارَ.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 25 ]
مُون سين ڀَلي ڀالَ ڪِئا، اُنِهِئائِين اَپارَ.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 25 ]
ساوَڻَ مَڇَ نَہ موٽِيين، بَڊي ڪِيَئِي اُڪِيرَ،
گَهٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ،
تَڏِھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين رَڇَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 23 ]
گَهٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ،
تَڏِھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين رَڇَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 23 ]
English Meaning
Monsoon, season of rainfall.